سکر: روهڙي لڳ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، عورت زخمي

Spread the love

سکر ( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ ) روهڙي ڀرسان جهانگڙو ٿاڻي جي حد ۾ جسڪاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي جي نتيجي ۾ ثمينه جسڪاڻي زال لياقت جسڪاڻي زخمي ٿي پئي،

جنهن کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال روهڙي پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن طبي امداد ڏني.علاج بعد زخمي عورت ثمينه پنهنجي مڙس سان گڏ احتجاج ڪندي

 چيو ته اسان پنهنجي ڌيءَ افشان کي طلاق ڏياري هئي، جنهن  تي سندس اڳوڻي مڙس اسان تي حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو آھي، عورت جو چوڻ هو ته سندس اسان جي نياڻي افشان تي سندس مڙس تشدد ڪندو هو جنهن سبب طلاق ڏياري هئي ۔

جُون 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو