سانگهڙ: صحافي حاجي ظفرالله لغاري جي مان ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي
سانگهڙ (رپورٽ: شاهنواز رونجهو) نيشنل پريس ڪلب سانگهڙ جي ميمبر حاجي ظفرالله لغاري کي عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ تي نيشنل پريس ڪلب جي صدر اشفاق سلهري ۽ ٻين ميمبرن پاران هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي،
تقريب ۾ اطلاعات کاتي جي آفيسرن سميت صحافي برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب دوران خطاب ڪندي صدر نيشنل پريس ڪلب اشفاق سلهري ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته سمورا صحافي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ڪم ڪن ته جيئن مظلومن جو آواز اعلي ايوانن تائين پهچي سگهي،
هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سڀ صحافي هڪ پليٽ فارم تي گڏ هوندا ته ان سان صحافين جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ملندي، تقريب دوران حاجي ظفر الله لغاري چيو ته مان سڀني ساٿي ميمبرن جو شڪر گذار آهيان جن اڄ مون کي عزت ڏئي منهنجي مان ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي آهي،
ان موقعي تي تقريب ۾ نيشنل پريس ڪلب جو اڳوڻو صدر مصطفيٰ ترين، ورڪشاپ پريس ڪلب جو صدر عبدالرزاق مينگل، انفارميشن آفيسر عبدالمجيد راهمون، ايڊووڪيٽ محمد قذافي تنولي، ايڊووڪيٽ سليم ملڪ ، ظاهر شاھ ، شاهنواز رونجھو، عبدالوحيد آڙھوٽو، عزيزالرحمٰن رند ، عمران يوسف زئي، ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
جُون 22, 2023