دادو: بار ايسوسيشن پاران شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه ملھائي وئي
دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) دادو بار ايسوسيشن ۾ شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي 70 هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو,
صدر دادو بار عبدالحڪيم لغاري ۽ وڪيل شفيع محمد ميمڻ، میڊم زيبا وگهيو ۽ بار جي وڪيلن ڪيڪ ڪاٽيو.محترمہ بينظير ڀٽو جي 70 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي مشهور وڪيل شفع محمد ميمڻ ۽ ميڊم زيبا وگهيو ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ محترمہ بينظير دنيا جي عظيم ليڊر هئي
هن دنيا ۾ پاڪستان ۽ عوام جو نالو روشن ڪيو.محترمہ غريب بي سهارن جي مدد ڪئي هن پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو،جنهن کي اسان جو سرخ سلام آهي، ان موقعي تي ميل في ميل وڪيلن انور علي ساهڙ، سيد فيض احمد شاھ، عزيز رحمان ڪاظمي،
نياز حسين پنهور، ڪي ڪي ڏيرو، راشد علي گھلو، ڪوڙا خان ميمڻ، مشتاق احمد چانڊيو، محبوب علي اوڍاڻو،اعظم سوھو، مش سنبل ڪاظمي، شبيلا ملاح،آرم سومرو ۽ ٻين جيئي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي نعرن سان سالگره ملهائي وئي،
جُون 22, 2023