گهارو ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو جلد حل ڪيو ويندو: ڄام احسان جوکيو
ٺٽو (رپورٽ: نظير احمد قريشي) ٽائون ڪميٽي گهارو جي چيئرمين ڄام احسان جوکيو جي صدارت ۾ پهرين تعارفي گڏجاڻي ٽائون ڪميٽي حال گهارو ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ وائيس چيئرمين بابو پنهور سميت ٽائون ڪميٽي گهارو جي ڪائونسلرن ۽ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تعارفي اجلاس کي خطاب ڪندي
ٽائون ڪميٽي گهارو جي چيئرمين ڄام احسان جوکيو چيو ته پ پ پ جو ٿورائتو آھيان، جنهن مون تي مڪمل اعتماد جو اظھار ڪري مونکي ذميواري سونپي اھي، انشاالله پارٽي جي اعتماد کي بحال رکي ڏنل ذميوارين کي بھتر نموني ادا ڪندس. ھن چيو تہ
ٽائون ڪميٽي گهارو ۾ سڀ کان وڏو مسئلو پيئڻ جي پاڻي جو آھي، جنهن کي جلد کان جلد حل ڪيو ويندو، ڄام احسان جوکيو سڀني ڪائونسلر کي ھدايتون جاري ڪيو تہ ھو پنهنجي وارڊن ۾ شھرين سان رابطي ۾ رھي انهن جي مسئلن کي نوٽ ڪن ته جيئن سندن مسئلن کي جلد کان حل ڪري سندن اميدن تي پورو لهي سگهون۔
جُون 22, 2023