گئس جي گهٽ پريشر سان تنگ عوام لاءِ سٺي خبر
لاهور (ويب ڊيسڪ) قطر مان گهرايل ايل اين جي ڪارگو پاڪستان پهچي ويا.
سوئي سدرن ذريعن موجب سامونڊي طوفان سبب ايل اين جي ڪارگو دير سان پاڪستان پهتا آهن، اهي ايل اين جي سسٽم ۾ شامل ٿيڻ سان گئس بحران ٽري ويو آهي ۽ پاور، ڀاڻ سميت سڀني صنعتن کي گئس مڪمل طور بحال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گهريلو واهپيدارن لاءِ به گئس جو پريشر بهتر ٿي رهيو آهي.
سوئي ناردرن اختيارين جو چوڻ آهي ته سسٽم ۾ 1800 ملين ڪيوبڪ گئس موجود آهي ۽ هن وقت گئس جو شارٽ فال ناهي.
اختيارين موجب ٽيل اينڊ ۽ پراڻي لائنن وارن علائقن ۾ گئس جي گهٽتائي جو انفرادي مسئلو آهي، گهرن ۾ گئس ڪمپريسر استعمال ڪيا پيا وڃن، جيڪي غير قانوني آهن، ان سلسلي ۾ ڇاپن لاءِ ٽيمن جو انگ وڌايو ويو آهي، جنهن گهر ۾ ڪمپريسر هوندو، ان جو ميرٽ ڪاٽيو ويندو.
