ڪراچي: يوٽيلٽي اسٽورجون سستيون شيون دڪاندارن کي وڪرو ٿيڻ لڳيون

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ: ثناء اللہ هڪڙو ) ڪراچيء  جي يوٽيلٽي اسٽورن تان سستو  اٽو اڻلڀ سرڪار طرفان سڀسيڊيء هيٺ ملندڙ سستو اٽو, گيھ کنڊ ۽ ٻيون شيون يوٽيلٽي اسٽور ٻين دڪاندارن کي وڪرو ڪرڻ لڳا تفصيل موجب

حڪومت طرفان غريب عوام کي رليف ڏيڻ لاء کاڌي پيتي جي شين اٽو,  گيھ, کنڊ ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين ۾ ۾ رليف ڏئي ڪراچي جي مختلف يوٽيلٽي اسٽورن تي عوام لاء گهٽ ريٽ مقرر ڪري ڏيڻ واري پيڪج کان عوام محروم آھي

ڪراچي سرجاني ٽائون,نئين ڪراچي, ڊيء جو موڙ,  سهراب ڳوٺ ,معمار ۽ ڀرپاسي  جي سمورن اسٽورن تان سستو اٽو ۽ ٻيون کاڌي جون شييون اڻلڀ ماڻھن جو چوڻ آھي ته سستي اٽي جون ٽرڪون لهڻ باوجود اسٽورن تان اٽو نه ٿو ڏنو وڃي ماڻھن ٻڌايو ته سرڪار طرفان سستو اٽو , گيھ ۽ کنڊ يوٽيلٽي اسٽورن کي ملڻ شرط ئي منافعي تي ٻين دڪاندارن کي وڪرو ڪيو پيو وڃي.

وڏي ڳالھ ته حقيقي گهرجائو, غريب ماڻهن پاران; روزانو روز صبح, منجهند ۽ شام جو انهن اسٽورن جا چڪر ڪاٽڻ ٻاوجود اٽي سميت ٻين اسمن جي نه پهچڻ بابت کين ٻڌايو ٿو وڃي. . ڪنهن وقت سامان جون ٽرڪون ماڻهن جي اکين سامهون لهندي به کين چيو وڃي ٿو ته سامان آيو, پر لهڻ شرط ئي کپي ويو!!!

 متاثر ٿيندڙن اهڙي انياء ۽ يوٽلٽي اسٽورن وارن جي بد عنوانيء خلاف دانهيندي گهر ڪئي آهي ته  حڪومت کي ان ڳالھ جو نوٽيس وٺي, انهن اسٽورن مٿان چيڪ اينڊ بئلنس جو فول پروف نظام لاڳو ڪري, بدعنوانيء ۽ مافيائن جي پاڙ پٽي, رعايتي شيون بنا رنڊڪ رسائي, اعلان جي روح مطابق غريب عوام کي رليف ڏنو وڃي.

جُون 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو