ڏوڪري :  پير محمد صادق قريشي نقشبندي جي سالگره ملھائي وئي

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽ: قاضي فريد)  ناجيه شاگرد تنظيم “نشات” جماعت لواري شريف ضلع لاڙڪاڻو طرفان درگاھ لواري شريف جي نائين سجاده نشين پير محمد صادق قريشي نقشبندي جن جي 44 هين سالگره مبارڪ ڳوٺ شير محمد جوڻيجو ۾ زير صدارت ضلع صدر وسيم علي جوڻيجو ۽ مهمانِ خاص ضلع لاڙڪاڻو جي سياسي و سماجي اڳواڻ ميمبر ضلع ڪائونسل لاڙڪاڻو  پير بخش خان جوڻيجو جي پُرجوش ۽ وڏي عقيدت و احترام سان ملهائي وئي.

جڏهن ته اعزازي مهمان ۾ ڊاڪٽر مولا بخش جوڻيجو، فقير منظور علي جوڻيجو، نظر محمد جوڻيجو ڊاڪٽر محمد مريد جوڻيجو، ۽ نويد علي جوڻيجو پڻ شامل هئا. ان موقعي تي پير محمد صادق قريشي نقشبندي جن جي 44 هين سالگره مبارڪ جو ڪيڪ ڪٽڻ واري رسم نشات ضلع لاڙڪاڻو جي عهديدارن ۽ جماعت جي معزز شخصيتن گڏجي ادا ڪيو،

جڏهن ته اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض ضلع جنرل سيڪريٽري عبدالرحيم جوڻيجو جوڻيجو سرانجام ڏنا. ان موقعي تي ناجيه شاگرد تنظيم ضلع لاڙڪاڻو طرفان نشات نونهال ونگ ۾ ڪوئيز ڪامپيٽيشن ۽ شاگرد تنظيم جي وچ ۾ تقريري مقابلو پڻ ڪرايو ويو،

هن پروگرام ۾ جيوري ڪميٽي جا فرائض نوجوان ليکڪ ساجد مسڻ ۽ غلام مصطفي جوڻيجو ادا ڪيا، جڏهن ته ڪوئيز ڪامپيٽيشن ۾ پهرين پوزيشن يونٽ ڏوڪري جي نونهالن پنهنجي نالي ڪري ورتي،

جڏهن ته اسپيچ ڪنٽيسٽ ۾ پهرين پوزيشن شوڪت علي جوڻيجو، ٻئين پوزيشن حمير علي جوڻيجو ۽ ٽئين پوزيشن مبين علي جوڻيجو حاصل ڪيون. ان موقعي تي سالگره جي خوشي ڀري موقعي تي نشات جي ميمبرن توڙي جماعت جي بزرگن جهمريون هڻي محبت ڀري محفل کي جهومائي ڇڏيو.

 آخر ۾ پوزيشن کڻندڙ شاگردن کي انعامن سان نوازيو ويو،هن پروگرام جي مهمان خاص پير بخش خان جوڻيجو خطاب ڪندي چيو ته الحمد الله اسان جا نوجوان ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيا آهن، جيڪو خوش آئنده عمل آهي،

اسان کي تعليم جي ميدان ۾ ترقي ڪري پنهنجي ڳوٺن وارن جي خدمت ڪرڻ گهرجي،سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جي ترقي جو محور اجتماعي ۽ خالص هجڻ گهرجي، مان شروع کان وٺي ميرٽ جو قائل رهيو آهيان، اسان جي نوجوانن کي به ميرٽ تي اچڻ گهرجي، ميرٽ جو پنهنجو مزو آهي.

صدارتي خطاب ڪندي ضلع صدر وسيم علي جوڻيجو چيو ته اسان پنهنجي ٽينيوئر ۾ بهترين پروگرام ڪرايا آهن، مرڪز نشات کان مليل اسائنمينٽ تي به پورا لٿا آهيون،مان ضلع صدر جي حيثيت ۾ مطمئن آهيان، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جماعت وارن جا پڻ شڪر گذار آهيون، جيڪي اسان جو هميشه کان وٺي ساٿ ڏيندا اچن ٿا.

جُون 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو