ڏوڪري: پير محمد صادق قريشي نقشبندي جي سالگرھ ملھائي وئي

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) درگاھ لُواري شريف ۽ درگاھ حضرت قاضي احمد جي موجوده سجاده نشين حضرت قبله پير محمد صادق قريشي نقشبندي جن جي 44 هين سالگرھ مبارڪ ڏوڪري پريس ڪلب ۾ نهايت وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.

 سنڌ جو مشهور اديب، محقق ۽ تعليمي ماهر پروفيسر سائين بخش قبولائي، عبدالوحيد جوڻيجو، حاجي يار محمد گاڏهي، منور علي جوڻيجو، ساجد مسڻ ۽ ٻين عهديدارن ۽ ميمبرن گڏجي 44 هين سالگرھ جو ڪيڪ  ڏوڪري پريس ڪلب ۾ ڪاٽيو.

 ان موقعي تي پروفيسر قبولائي صاحب، پير آف لُواري شريف حضرت پير محمد صادق قريشي نقشبندي دائم برڪاتہٗ جن جي زندگي مبارڪ تي روشني وجھندي چيو ته پير آف لُواري شريف جن جو وجود مسعود هن دور ۾ انسان ذات لاءِ وڏي سعادت آهي

 ۽ سندن تعليمات ۽ سندن فلاحي ڪمن جو هر ماڻهو مُعتِرف رهي ٿو. لُواريءَ جي لالن جي فِڪر ۾ پوري انسان ذات لاءِ امن، پيار، محبت ۽ روشن خيالي جو پيغام آهي. هن درگاھ جو فيض صدين کان اڄ به جيئن جو تيئن جاري ساري آهي.

 موجوده سجاده نشين حضرت پير محمد صادق قريشي نقشبندي دائم برڪاتہٗ سال 1995ع کان درگاھ عاليه لُواري شريف ۽ درگاھ حضرت قاضي احمد قريشي جون روحاني ذميواريون ۽ جماعت لُواري شريف جي سربراهي وارا ڪم احسن طريقي سان سرانجام ڏيندا رهن ٿا.

اڄ به نه رڳو جماعت لُواري شريف بلڪ مُلڪي توڙي غير مُلڪي سربراھ، سياستدان، علماءِ ڪرام ۽ پيرانِ طريقت سندن حاضري ۾ اُهائي روحاني ڪيفيت محسوس ڪندا آهن، جيڪا کين حضرت پير بادشاھه خواجه گل حسن قريشي قدس سره ۽ حضرت راحمي بادشاھ پير حاجي فيض محمد قريشي قدس سره جن جي مجلسن ۽ ملاقاتن ۾ محسوس ٿيندي هئي. جن به هڪ دفعو ساڻن ملاقات جو شرف حاصل ڪيو هوندو

 ته اهو سڄي عمر سندن دانائي، دورانديشي ۽ مهمان نوازيءَ جا ڳڻ ڳائيندو رهندو. هن سالگرھ جي پروگرام ۾ حاڪم علي جوڻيجو، حيدربخش جوڻيجو، ڪريم بخش جوڻيجو، احمد علي، ڌڻي بخش، محمد صديق، غلام رحيم، محمد عثمان، ارشاد علي، مختيار علي، عبدالقادر مسڻ، رستم فقير گاڏهي ۽ ٻين سياسي ۽ سماجي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

جُون 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو