ڀتو نه ڏيڻ ۽ ڊرائيورن تي تشدد ڪيو وڃي ٿو  : دلبر کوسو

Spread the love

ملير (رپورٽ: ذوالفقار علي نصيراڻي ) آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ ورڪرز يونين جي صدر ۽ ٽرڪ  ڊرائيورن جو پورٽ قاسم ذوالفقار ٽريفڪ پوليس چوڪي اڳيان ايس او  خلاف احتجاج ، عيد ويجهو ايندئي  ذوالفقارآباد چوڪي ايس او نثار سهتو ۽ اهلڪار زبردستي ڀتو اوڳاڙين ٿا ڀتو نه ڏيڻ تي ڊرائيورن تي تشدد ڪيو وڃي ٿو  ۔

صدر ٽرانسپورٽ دلبر کوسو جو الزام تفصيل موجب آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ ورڪرز يونين جي صدر ۽ ٽرڪ  ڊرائيورن جو پورٽ قاسم ذوالفقار ٽريفڪ پوليس چوڪي اڳيان ايس او  خلاف احتجاج ، عيد ويجهو ايندئي  ذوالفقارآباد چوڪي ايس او نثار سهتو ۽ اهلڪار زبردستي ڀتو اوڳاڙين ٿا ڀتو نه ڏيڻ تي ڊرائيورن تي تشدد ڪيو وڃي ٿو

 يونين جي صدر دلبر کوسو چيو ته پورٽ قاسم ذوالفقارآباد چوڪي جي ايس او ڊرائيورن کي يرغمال بڻائي تشدد ڪري شاه لطيف پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي ايس او ذوالفقار آباد چوڪي چوي ٿو ايس ايس پي ٽريفڪ کي خرچو پهچاڻو آھي پيسا ڏيو سڄي سنڌ  ۾ اسان ٽرانسپورٽ جو ڪم ڪريون ٿا گاڏين جا ڪاغذ پورا آھن

ڪنهن به ٽريفڪ چوڪي تي مسئلو ناهي پر پورٽ قاسم ذوالفقارآباد چوڪي جي ايس او رڻ ٻاري ڇڏيو آھي ايس او ۽ ملوث اهلڪار خلاف ڪاروائي ڪري ڊرائيورن مجاهد ۽ دلشاد کي آزاد ڪيو وڃي جيڪڏهن انصاف نه  مليو ته سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ برادري ۽ آل پاڪستان گڊز ٽراسپورٽ ورڪرز يونين  احتجاج ڪندي.

جُون 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو