ٽنڊوڄام: آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز جي ملازمن پاران علامتي احتجاج ٽيئن ڏينھن بہ  جاري

Spread the love

ٽنڊوڄام(رپورٽ: واجد علي چانڊيو)  آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن يونٽ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ملازمن پاران علامتي احتجاج اڄ ٽيئن ڏينھن بہ  جاري  پنھنجي مطالبن جي حل لاء يونين اڳواڻن خاور علي ميمڻ, آصف علي ابڙو, ميان بخش مگسي, قربان سميجو, سيد وزير علي شاھہ, غلام محمد ترڪ, عبدالحئي ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ اڳيان ٻن ڪلاڪن جي علامتي بک ھڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو,

 احتجاج ۾ زرعي يونيورسٽي جي سيڪورٽي گارڊ جي مرحوم جمالدين سيال جي گھر واري بہ شرڪت ڪئي ۽ احتجاج ڪندي چيو تہ منھنجو گھر وارو آن ڊيوٽي فوت ٿي ويو ھو ان وقت منھنجا ٻار ننڍڙا ھئا قانون   ھاڻي منھنجا ٻار ارڙھن سالن جا ٿي ويا آھن قانون موجوب ھاڻي نوڪري ڏيڻ انتظاميان جي زميواري ھيٺ اچي ٿو پر بد قسمتي سان زرعي يونيورسٽي انتظاميان من پسند ماڻھن جا انٽروويو وٺي رھي آھي

 انھي موقعي تي اڳواڻن  خطاب ڪندي  چيو تہ  وائس چانسلر پاران فوتي ڪوٽا تحت جيڪي انٽروويو ورتا پيا وڃن تن ۾ ڪافي حقدار ملازمن کي ناھي گھرايو ويو ھنن چيو تہ 2017 کان2023 تائين فوت ٿيل ملازمن جي اولاد کي نوڪريو ڏنو وڃن جيڪو ساڻن قانوني حق آھي پر افسوس انتظاميان فقط من پسند ماڻھن کي گھرائي انٽروويو وٺي رھي آھي اعليٰ اختيارين کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪيون ٿا

 مطالبن جي مڃتاء تائين احتجاج جاري رکنداسين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ  اسان رمضان المبارڪ جي مھيني ۾ پنھنجي جائز مطالبن جي حل لاء 24 ڏينھن احتجاجي تحريڪ ھلائي ھئي, جنھن جي نتيجي ۾ وائيس چانسلر صاحب اسان جا ڪجھہ مطالبا حل ڪيا ھئا ۽ ڪجھہ مطالبا تمام جلد حل ڪرڻ جو واعدو ڪيو ھو,

جنھن بعد اسان ان واعدي تي پنھنجو احتجاج ختم ڪيو ھو, پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ ٻہ مھينا گذرڻ باوجود وائيس چانسلر صاحب پنھنجو واعدو وفا نہ ڪيو آھي,

 ان ڪري اسان مجبور ٿي پنھنجي مطالبن فوتي ملازمن جي اولاد لاء نوڪرين جي ڪوٽا ۽ ليو انڪيشمينٽ جي حل لاء ٻيھر پر امن احتجاج جو رستو ورتو آھي, ھنن مطالبو ڪندي چيو تہ وائيس چانسلر صاحب اسان جي جائز مسئلن کي فوري طور حل ڪري ملازمن ۾ پکڙيل بيچيني کي دور ڪري, نہ تہ ٻي صورت ۾ مرحليوار احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

جُون 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو