ٺٽو: کاروڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر ۾ 350 متاثرين کي راشن ڏنو ويو
ٺٽو (رپورٽ: نظير احمد قريشي) ڪاشف اقبال ٿلسيميا ڪيئر سينٽر پاران شڪاگو فرينڊس جي سهڪار سان ٺٽي جي ساحلي علائقي کاروڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر جي مختلف ڳوٺن ۾ سامونڊي طوفان جي 350 متاثرين ۾ راشن ورهايو ويو،
طوفان کي نظر ۾ رکندي ضلعي حڪومت پاران 30 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ اهي امدادي ڪيمپن ۾ ترسايا ويا، جتي حڪومت طرفان کاڌ خوراڪ ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون پي ويون،
جڏهن ته طوفان جو خطرو ختم ٿيڻ کان پوءِ هنن متاثرين کي واپس پنهنجن گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ انهن ۾ خوراڪ جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي ھئي
سرڪاري امداد نـہ ملڻ ڪري غير سرڪاري تنظيمن پاران رليف ڪم شروع ڪيو ويو. ان موقعي تي ڪاشف اقبال ٿلسيميا ملٽي سينٽر شڪاگو فرينڊس جي سهڪار سان سمنڊ اندر ٻيٽن تي رهندڙ 350 خاندانن ۾ راشن ورهايو،
ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪاشف اقبال ٿلسيميا ملٽي سينٽر جي اڳواڻ خالد آرائين، پنهون عقيلي ايڊووڪيٽ ۽ شمائله خالد چيو ته اسان جو ادارو نه رڳو قدرتي آفتن ۾ ماڻهن ۾ راشن ورهائيندو آهي پر گهر به ٺاهيندو آهي ۽ اهو ڪم سڄي پاڪستان ۾ هلندڙ آهي.
جُون 22, 2023