ٺٽو: شھرين پاران ڪي ڊي اي مان پاڻي ڏيارڻ لاءِ 90 ڏينھن به احتجاجي مظاھرو
ٺٽو (رپورٽ: نظير احمد قريشي) ٺٽي شھر کي ڪي ڊي اي مان پاڻي ڏيارڻ لاءِ شھري 90 ھين ڏينھن به سراپا احتجاج بڻيل، واڳ ڌڻين ڪا بہ واھر نہ ڪئي. ان سلسلي ۾ ٺٽو بچايو فورم جي اڳواڻن جمشيد قريشي ،دلاور شيخ،ڪامريڊ حافظ عباسي،ڊاڪٽر ولي جاکرو،حامد مغل،شوئير قريشي،ڊاڪٽر صديق ميمڻ،عرفان ميرجت،مڪيش ديو،سجاد مگسي،سڪندر جاکرو،لال بخش ڪاتيار،اڪبر بروهي،لڇمڻ داس،بابو جان بروهي،ابو ڀٽو ۽ ٻين شھرين جي اڳواڻي ۾ 90 ھين ڏينھن تي پڻ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪندي ڌرڻو ھنيو،
احتجاج ۾ شامل شھرين جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل ھئا، جيڪي زوردار نعريبازي ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ ٺٽي شھر ۾ ڪيتري ئي وقت کان پاڻي جو بحران ھلندڙ آھي، شھر ۾ پيئڻ جو پاڻي ميسر ناھي، پاڻي فراھمي کي بھتر بنائڻ لاءِ واڳ ڌڻين ڪوبہ تحرڪ ناھي ورتو، ھڪ تہ ٺٽي جي شھرين کي مھينن کانپوءِ پاڻي ڏنو وڃي ۽ جيڪو پاڻي ملي ٿو اھو گٽرن جو بدبودار پاڻي ھجي ٿو، جيڪو شھرين لاءِ ويتر مصيبتن جو سبب بڻجي رھيو آھي.
ھنن چيو تہ شھر ۾ پاڻي جي کوٽ ھجڻ ڪري پاڻي مافيا سرگرم ٿي وئي آھي جيڪا شھرين کي ٻنھي ھٿن سان ڦري ۽ لٽي رھي آھي، انتظاميہ بہ ڪو تحرڪ ناھي ورتو، غريب ماڻھو تہ پيئڻ جي پاڻي کان بہ محروم بڻجي ويو آھي. ھنن چيو تہ ٺٽي مان سڄي ڪراچي کي تہ پاڻي سپلائي ڪيو ويندو آھي پر ٺٽي ۾ پاڻي بند پيل آھي،
پاڻي بند ھجڻ ڪري پيئڻ جو پاڻي سميت گھر جي ضرورتن لاءِ بہ پاڻي پئسن تي خريد ڪري رھيا آھن، ڪي ڊي اي مان گھارو، جنگشاھي ۽ ٻين شھرن کي پاڻي ڏنو وڃي ٿو پر ٺٽي شھر لاءِ ڪي ڊي اي مان پاڻي ميسر ناھي، فوري طور ٺٽي شھر کي ڪي ڊي اي مان پاڻي مھيا ڪري شھرين کي پريشاني کان بچايو وڃي.
ٺٽي شھر ۾ ڪوبہ فيملي پارڪ موجود ناھي، گھوڙاٻاڙي پراڻي اسٽاپ وٽ فيملي پارڪ قائم ڪيو وڃي. ھنن مطالبو ڪيو تہ فوري طور تي پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪري ڊرينيج نظام جي بحالي لاءِ قدم کنيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
جُون 22, 2023