ٺاروشاھ : ڊوائيس ھولڊرن پاران مستحق عورتن جي قسط واري رقم مان ڪٽوتي جاري

Spread the love

ٺاروشاھ  (رپورٽ:  اسد سولنگي)   ٺارو شاھ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي هلندڙ قسط مان ڊوائيس هولڊرن پاران سري عام ڪٽوتي جاري  تفصيل موجب ٺاروشاھ ٽائون ڪاميٽي ۾ قائم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊوائيس هولڊر ڊانڱولو شهباز سومرو غريب مسڪين عورتن جي آيل پيسن مان في عورت جا 1500سئو کان 2000 هزار سري عام ڪٽوتي ڪري رهيو آهي

 ان کان علاوه غريب عورتن جي  سري عام  تليل ڪري رهيو آهي جيڪو انتهائي افسوس جوڳو عمل آهي ان کان علاوه سينٽر تي آيل عورتن کي ڪنهن به قسم جي سهولت موجود نه آهي سهولت نه هجڻ ڪري عورتون ۽ ننڊڙا معصوم ٻارڙا  پريشان ۽ تڙپندا  رهن ٿا نه هتي پاڻي جي سهولت آهي

نه هتي   ويهڻ جو سسٽم آهي  نه ئي وري بجلي بند هجڻ ڪري سولر سسٽم  آهي  جڌهن ته ٺاروشاھ جو ڊوائيس هولڊر ڊانگولو شهباز سومرو جو چوڻ آهي ته مونکي ڪير نه ڪجھ نٿوڪري سگهي

 ڇو جو مان هر اداري کي  حصو پتي پوهچائيندو آهين مان جيڪو ڪجھ ڪندس سري عام ڪندس جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط وصول ڪندڙ عورتن جو چوڻ هو ته اسان وزيري اعلا سنڌ ڊي سي نوشهرو فيروز ايسي ڀريا کي پروزور اپيل ٿا

  ڪيون ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي آيل قسط مان ڪٽوتي ڪندڙ ٺاروشاھ  ڊوائيس هولڊر شهباز سومرو کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

جُون 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو