وڳڻ ۾ سيپڪو پاران غير قانوني لڳل ڪنڊا ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا

Spread the love

وڳڻ ( رپورٽ: عاجز چانڊيو  ) وڳڻ ۾ سيپڪو وارھ جي عملدارن پاران ڪنڊا ڪنيڪشن  خلاف ڪاروائيون تيز ڪندي شھر جي مختلف محلن مان سوين غير قانوني لڳل ڪنڊا ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا سيپڪو وارھ جي عملدارن ايس ڊي او منظور احمد ڀٽو جي اڳواڻي ۾ نيڪ محمد کوسو ـ منصور ٿيٻو ۽ ٻين آپريشن  ڪندي سوين غير قانوني لڳل ڪنڊا ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا

۽  تارون پڻ ضبط  ڪيون ويون ان موقعي تي ايس ڊي او وارھ منظور احمد ڀٽو چيو تـ بجلي جي ٿيندڙ چوري روڪينداسين ڪنهن کي به غير قانوني ڪم ڪرڻ نـ ڏنو ويندو ڪنڊا ڪنيڪشنن خلاف آپريشن جاري آهي

ھن وڌيڪ چيو ته پيچوھا فيڊر تي شھري ميٽر لڳرائيندا تـ اسين تعاون ڪنداسين  بجلي صارفين جا مسئلا اولين بنيادن تي حل ڪيا ڪمداسين بجلي جي ٿيندڙ چوري سبب ملڪ ۽ اداري جو نقصان ٿي رھيو آهي جيڪو ھرگز برداشت نـ ڪيو ويندو.

جُون 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو