وڳڻ: ڪوٽ مغيري واسين پاران  روڊ نه ٺھڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

Spread the love

وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو ) وڳڻ لڳا ڳوٺ قمبر ڪوٽ مغيري جي رھواسي ڳوٺاڻن پاران  روڊ  ٺھي نه ملڻ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو تفصيل موجب وڳڻ ڀرسان ڳوٺ قمبر ڪوٽ ڪوٽ مغيري جي رھواسي ڳوٺاڻن پاران تڪ جي چونڊيل نمائندن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

 انھي موقعي تي ڳوٺاڻن،وقار مغيري،نديم مغيري،پرويز مغيري،حسند علي چانڊيو،صدام مغيري،۽ لعل بخش مغيري،نجات خان مغيري جو چوڻ ھو ته ڦال موري کان ويندي ڳوٺ خدابخش مغيري،قمبر ڪوٽ مغيري،ماھي درواڻ،ڏاتو تيوڻا سميت پيپلز پارٽي جي سنڌ اندر پندرهن سالا حڪومت ۾ به تڪ جي چونڊيل نمائندن طرفان اسان کي رستي جي سھولت ناھي ڏني وئي

 جنھن سبب ٽٽل روڊ تي سفر ڪرڻ سان ڪافي حادثا پيش اچن ٿا پڻ ايمرجنسي جي صورت ۾ ڪافي مشڪلاتن کي منھن ڏئي اسان شھر پھچون ٿا چونڊيل نمائندن طرفان ھر ڀيري اسان کي بنيادي سھولتون ڏيڻ جا واعدا ڪري ووٽ وٺي سالن کان پوءِ بہ اسان ڏان منھن ڪون ٿا ڪن

 ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اسان وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه،بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪيون ٿا نوٽيس وٺي اسان کي ٽٽل روڊ ٺھرائي ڏنو ونڃي،

جُون 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو