وڳڻ: چوري معاملي تان جھيڙيندڙ ٻنھي ڌرين ڏانھن ميڙ منٿ قافلي جي آمد

Spread the love

وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو)  وڳڻ لڳ ياروديرو ۾ سيد برادري جي ٻن ڌرين ۾ چوري معاملي تان ڇڪتان بعد ٻنھي ڌرين سيد گلڻ شاھ ۽ سيد رياض حسين شاھ ڏانهن ميڙ منٿ قافلو پھتو ـ جنهن ۾ شھر جي سياسي سماجي ڌرين سڄاڳ نوجوان اتحاد جو اڳواڻ گلاب وڳڻ ـ

سٽي پريس ڪلب وڳڻ جو سرپرست اعليٰ ڪامريڊ غلام حسين مغيري ـ صدر ساجد بلوچ ـ سھڻو خان مغيري پ پ اڳواڻ رئيس ڪليم الله تنيو ـ حاجي ھارون تنيو ـ زاھد تنيو ـ امجد تنيو درزي يونين جو صدر امتياز خاصخيلي ـ شرف الدين پنھور ـ دڪاندار اڳواڻ نصير مغيري ـ

 نور مغيري ـ سيٺ بخشل پنھور ـ عزيز شيخ ۽ ٻيا ميڙ منٿ قافلو وٺي ڌرين وٽ پھتا جتي ٻنھي ڌرين کي معاملو ڳالھين ذريعي نبيرڻ جو چيو ويو آيل ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏئي ڌريون فيصلي تي راضي ٿي ويون.

جُون 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو