وڌيڪ شهرن ۾ پيپلز بس سروس جو ڄار وڇايو ويندو: شرجيل انعام ميمڻ
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪالھھ ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ پيپلز بس سروس جي موبائيل ايپليڪيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلز بس سروس پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت جي هدايتن تي سفري سهولتن جي فراهمي شروع ڪري ڇڏي آهي. ان سروس کي عوام پاران ڀرپور موٽ ملي ۽ سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ صرف عورتن لاءِ پنڪ بس سروس ۽ پيپلز اليڪٽرانڪ بس سروس پڻ شروع ڪئي. هن چيو ته پيپلز بس سروس کي هاڻي سنڌ جي ستن شهرن تائين وڌايو ويو آهي ته جيئن پيپلز بس سروس صوبي جي ٻين شهرن جي رهواسين کي سستي ۽ آرامده سفري سهولت فراهم ڪري سگهي ۽ وڌيڪ شهرن ۾ پيپلز بس سروس جو ڄار وڇايو ويندو ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پيپلز بس سروس جي توسيع لاءِ ڀرپور سرپرستي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پيپلز بس سروس جي ايپليڪيشن ذريعي مسافرن کي ٽڪيٽ جي قيمت، بس جو وقت، بس سروس مانيٽرنگ ۽ ٻئي ضروري معلومات حاصل ٿي سگهندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي پيپلز بس سروس ايپ تائين مڪمل رسائي حاصل آهي ۽ هن ايپليڪيشن ذريعي سروس جي مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪيترن ئي چئلينجن جي باوجود شهرين کي سستي ۽ آرامده سهولتون فراهم ڪري رهي آهي ۽ ان مقصد لاءِ سنڌ حڪومت هر مهيني ڪروڙين روپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي ٽرانسپورٽ نظام کي پنهنجي اولين ترجيحن ۾ رکيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت تمام جلد اي ٽيڪسي شروع ڪري رهي آهي، جڏهن ته ريڊ لائين بي آر ٽي تي به تيزي سان ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ اها پاڪستان جي پهرين بي آر ٽي هوندي جيڪا بايو گيس تي هلندي. هن چيو ته يلو لائين بي آر ٽي ۽ ريڊ لائين بي آر ٽي لڳ ڀڳ 200 ارب رپين جا منصوبا آهن. هن وقت ملڪ سنگين معاشي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي پر ان صورتحال ۾ اسان سڀني کي هڪ قوم جي حيثيت سان فيصلا ڪرڻا پوندا ۽ گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جو هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو ملڪي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي، جنهن لاءِ اسان کي پنهنجي ترجيحي شعبن کي اوليت ڏيڻي پوندي. اسان کي پنهنجي زراعت ۽ معدنيات تي ڌيان ڏيڻو پوندو. اسان وٽ دنيا ۾ سڀ کان قيمتي معدنيات آهن ۽ اسان کي ان تي ڪم ڪرڻو پوندو. اسان کي زرعي پيداوار لاءِ پاڻي جي ورڇ جو بهترين نظام ٺاهڻو آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي وٽ اهو ڪم ڪرڻ جو تجربو آهي. هن چيو ته چونڊن ۾ جيڪا به پارٽي اچي پر اسان کي گهٽ ۾ گهٽ 10 سالن جو منصوبو ٺاهڻو آهي ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، تڏهن ئي ملڪي معيشت پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان سڀني ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪريون ٿا ته اسان توهان کي جيڪا جاءِ ڏيون ٿا هتي توهان جي صنعت قائم ڪريو ۽ ان لاءِ ٻيون سهولتون پڻ فراهم ڪنداسين. هن چيو ته ملڪي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي همٿائڻو پوندو ته جيئن نيون صنعتون قائم ٿي سگهن، معاشي سرگرميون ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿي سگهن. هن چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي ترقياتي منصوبن لاءِ بجيٽ ۾ اربين رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته شرپسندن اسان جي ٽن بسن کي نقصان پهچايو. پر پيپلز بس سروس جي ڊرائيورن عقلمندي سان باقي بسن کي نقصان کان بچائي ورتو. هن چيو ته شرپسندن ملڪ ۾ افراتفري پيدا ڪرڻ لاءِ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو. هن چيو ته جنهن پي ٽي آءِ نوجوانن کي گمراهه ڪيو ۽ هتي جون ملڪيتون ساڙي ڇڏيون انهن آمريڪا ۽ لنڊن ۾ احتجاج ڇو نه ڪيو؟ انهن صرف پنهنجي ملڪ جي ملڪيت کي نقصان پهچايو. هن چيو ته اڄ اسان انهن ماڻهن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏينداسين جن بس کي شرپسندن کان بچايو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عيدالفطر تي اسان ٽرانسپورٽ کاتي کي موٽر وي پوليس سان ڳنڍيو آهي ۽ مسافرن کان وڌيڪ ڀاڙا واپس ڪرايا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ڊرائيور محفوظ طريقي سان ڊرائيونگ نٿو ڪري ته ان جي تصوير ايپ تي موڪليو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي 15 سالن جي دور ۾ صوبي ۾ صحت جون بي مثال سهولتون فراهم ڪيون آهن ۽ ٻين شعبن ۾ به مثالي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن مان بجلي پيدا ڪرڻ جو شاندار ڪم ڪيو آهي. زرعي شعبي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو ويو آهي. ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ کي سڀني طرفان ساراهيو ويو آهي. روڊ سيڪٽر ۾ ڪم جاري آهي. ڪراچي جي ڪچري جي صفائي تي بهتر ڪم ڪيو پيو وڃي. واٽر سپلاءِ اسڪيمن تي هاڻي تيزيءَ سان ڪم ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم شهباز شريف سان ڪراچي سرڪلر ريلوي لاءِ ڳالهايو آهي ۽ هن ان کي سي پيڪ منصوبن ۾ شامل ڪرڻ جي حمايت ڪئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هاڻي اسان کي ملڪي معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ 10 سالن جي اقتصادي پاليسي ٺاهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته اڄ سنڌ ۾ 26 اين آءِ سي وي ڊي سينٽر هلي رهيا آهن جڏهن ته پي ٽي آءِ حڪومت اين آءِ سي وي ڊي کي بند ڪرڻ چاهي رهي هئي. تقريب جو انتظام سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ۽ ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ ڊپارٽمينٽ، سنڌ حڪومت پاران ڪيو ويو. تقريب ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ سنڌ سليم راجپوت، پيپلز بس سروس جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر صهيب شڪيل ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته پيپلز بس سروس ايپليڪيشن ذريعي نه رڳو بس بابت ضروري معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي پر بس سروس جي نگراني به ڪري سگهجي ٿي. اپليڪيشن گوگل ۽ ايپل ٻنهي تي دستياب آهي. ايپليڪيشن استعمال ڪندڙ پڻ پنهنجون تجويزون ڏئي سگھندا. ايپليڪيشن هڪ انٽيليجنٽ ٽرانسپورٽ سسٽم سان ليس آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته هڪ سال ۾ سنڌ جي هڪ شهر کان ستن شهرن تائين پيپلز بس سروس فراهم ڪئي وئي آهي. تقريب جي پڄاڻي تي سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ 9 مئي جي فسادن دوران پيپلز بس سروس جي بسن کي شرپسندن پاران نقصان کان بچائڻ لاءِ ڪيل بهادري واري عمل تي تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا.
جُون 22, 2023