وزيراعظم جي آءِ ايم ايف ايم ڊي سان ملاقات، نائين جائزي ۽ فنڊ جاري ڪرڻ تي گفتگو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ آءِ ايم ايف ايم ڊي وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ آءِ ايم ايف پروگرام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعظم آءِ ايم ايف ايم ڊي ۾ ملاقات فرانس ۾ مالياتي ڪانفرنس دوران سائيڊ لائين تي ٿي، جنهن ۾ پاڪستان لاءِ جاري آءِ ايم ايف پروگرام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ان دوران پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ سهڪار تي به گفتگو ڪئي وئي.
شهباز شريف ملاقات ۾ معاشي استحڪام ۽ بهتري لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته اسان سمجهون ٿا نائين جائزي لاءِ سمورا اڳواٽ قدم کنيا ويا آهن، پاڪستان معاهدي لاءِ پرعزم آهي، اميد ته فنڊ جلد جاري ڪيا ويندا، جنهن سان معاشي استحڪام ۾ مدد ملندي.
