نوشھروفيروز: شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو

Spread the love

نوشھروفيروز (ڊ ر) پيپلزيوٿ تعلقه نوشھروفيروز شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي 70 هين سالگره جو ڪيڪ پريس ڪلب نوشھروفيروز ۾ ڪاٽيو ويو۔

ڪيڪ ڪٽڻ واري تقريب ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي نوشھروفيروز جي صدر فيروز احمد جمالي۔ ضلع ڪائونسل چيئرمين سهيل اختر عباسي۔ خان اعواڻ۔ غضنفر راڄپر۔ نادر چانڊيو۔ احسان ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔

ان موقعي تي اڳواڻن محترمه بينظير ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته شھيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي عوام لاء جان جو نذرانو ڏنو سندن ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به نه ٿو وساري سگهجي۔

 هنن چيو ته پاڪستان  پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي امڙ جي نقش قدم تي هلندي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿو

۽ مستقبل جو وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو۔ ان موقعي تي زاهد تاج ميمڻ۔ وهاب عباسي۔ غفور کوکر۔ شاهزيب سهتو۔ فراز راڄپر۔ توفيق چانڊيو۔ محمد خان ڪورائي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا۔

جُون 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو