ملير :  گڏاپ سميت 50 ڳوٺن جي بجلي 8 ڏينھن کان بند، علائقي واسين جو احتجاج

Spread the love

ملير ( ڊ ر)  گڏاپ شهر سميت 50 ڳوٺن جي بجلي گذريل 8 ڏينھن کان بند گرميءَ جي شدت پاڻيءَ جو سنگين بحران، عوام پريشان احتجاج ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف داهون، پڪل فصل سبزيون به سڙڻ لڳيون زميندارن کي لکين رپين جو نقصان،50 بسترن جي اسپتال جي بجلي بند، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا ظلم خلاف سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائندا نوٽس وٺن تفصيل موجب  گڏاپ شهر سميت 50 ڳوٺن جي بجلي گذريل 8 ڏينھن کان بند گرميءَ جي شدت پاڻيءَ جو سنگين بحران پيدا ٿي ويو

 عوام پريشان احتجاج ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف داهون ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا پاران بجليءَ جي بندش سبب عوام پاڻي کان محروم پڪل فصل سبزيون به سڙڻ لڳيون زميندارن کي لکين رپين جو نقصان ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا رهتن جو سبب ڄاڻائي گڏاپ شهر حاجي سائين رکيو جوکيو غلام محمد جوکيو قادو جوکيو ڳوٺ جي بجلي بند ڪري ڇڏي غلام علي جوکيو رمضان لاسي ڳوٺ حسين بلوچ مريد ڳوٺ حاجي جوکيو ڳوٺ سوماراڻي رستم بلوچ علي محمد خاصخيلي جي به بجلي بند ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا پاران فيڊر بند ڪرڻ سبب 50 بسترن جي اسپتال جي بجلي بند آهي

 ڪروڙين رپيا بل ڀرڻ جي باوجود بجلي بند آهي رهواسي ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا آغا شاهي فيڊر بند ڪري ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي سخت گرمي ۾ پاڻي جا موٽر واٽر سپلاء بند ٿيل آهن پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي رهواسين جون داهون گڏاپ ٽائون ڪراچي ٻهراڙيء تي مشتمل آهي عوام سان ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي ملير جي رهواسين مطالبو ڪيو آهي  سنڌ حڪومت ۽ ملير جا چونڊيل نمائندا  نوٽيس وٺن.

جُون 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو