معيشت لاءِ سٺي خبر، پاڪستان ۽ يو اي اِي وچ ۾ وڏا معاهدا

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ابوظهبي پورٽس ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ وچ ۾ پي آءِ سي ٽي ٽرمينل کي هلائڻ لاءِ معاهدي تي صحيحيون ڪيون ويون، ابوظهبي پورٽس 1.8 بلين ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪندو.

ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ ابوظهبي پورٽس وچ ۾ پي آءِ سي ٽي هلائڻ جي معاهدي تي صحيحيون ٿي ويون.

ابوظهبي پورٽس مختلف بندرگاهن جي بنيادي ڍانچن جنهن ۾ پي آءِ سي ٽي ۽ بلڪ ڪارگو ٽرمينل وغيره شامل آهن ۾ 1.8 ارب آمريڪي ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو.

معاهدي تحت ابوظهبي پورٽس پاڪستان انٽرنيشنل ڪنٽينرز ٽرمينلز جو انتظامي ڪنٽرول حاصل ڪندو.

ابوظهبي يو اي اِي جو وفد معاهدي تي صحيحين لاءِ ڪراچي پهتو هو.

وفد ۾ يو اي اِي جو توانائي ۽ انفرا اسٽرڪچر  وارو وزير سهيل محمد المزروعي، پرڏيهي واپار بابت وزير ثاني بن احمد الزيودي ۽ ڪراچي ۾ دبئي جو قونصل جنرل بخيت عتيق الروميتي شريڪ هئا.

پي آءِ سي ٽي ٽرمينل جو نالو مٽائي ڪراچي گيٽ وي ٽرمينل لميٽيڊ رکڻ جي به تجويز آهي، سيڙپڪاري لاءِ لاڳاپن کي مضبوط ڪندي ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪارن جي اعتماد کي به هٿي ڏيندي.

جُون 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو