عمران خان 9 مئي سانحي جو ماسٽر مائينڊ آهي، اسان شفاف ٽرائل چاهيون ٿا: مريم اورنگزيب

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب 9 مئي سانحي جو ماسٽر مائينڊ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان 9 مئي سانحي جو ماسٽر مائينڊ آهي. 9 مئي پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي. اسان شفاف ٽرائيل چاهيون ٿا. هن چيو ته 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي منصوبه بندي پي ٽي آءِ چيئرمين ڪئي ۽ ان ئي زمان پارڪ ۾ ويهي منصوبي کي عملي شڪل ڏني.مريم اورنگزيب چيو ته 9 مئي جي ڏينهن شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ۽ ان جي گهر ڀاتين جي جذبن کي مجروح ڪيو ويو. ملٽري ڪورٽس ۾ فوجي ٺڪاڻن تي حملن جو ٽرائيل ٿي رهيو آهي. 9 مئي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي اهڙا سزا ڏني وڃي جيئن آئنده اهڙو ڪوبه واقعو پيش نه اچي.

جُون 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو