سکر : پوج هندو پنچائت گروڪل ٽيم پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ پروگرام منعقد

Spread the love

سکر ( رپورٽ : امداد علي گل ڪلوڙ ) پوج هندو پنچائت سکر گروڪل ٽيم پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ پروگرام منعقد ڪيو ويو، گئون شالا مندر ۾ سائي رنگ جا جهنڊا لڳايا ويا، قومي تراني جي گونج ۾ هندو برادري مادر وطن سان محبت جو اظهار ڪيو، جنهن ۾ نوجوان شاگردن ۔ٻارڙن ۽ هندو برادري جي سربراهن سميت شرڪت ڪئي.

هندو پنچائت سکر پاران پاڪ فوج کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو، پاڪ فوج جي شهيدن کي سلام پيش ڪيو ويو، پاڪ فوج زنده آباد، جا نعرا پڻ هنيا تقريب ۾ شامل هندو برادري پاران پاڪ فوج جي شهيدن جي ياد ۾ شمعون روشن ڪيون ويون. تقريب کي خطاب ڪندي مکي ايشور لال چيو ته پاڪ فوج جي جوانن جي عظمت ۽ حوصلي کي ساراهيو،

هن چيو ته پاڪستان جون فوجون اسان جو فخر ۽ غرور آهي  جنهن سبب  اسان پاڻ کي محفوظ سمجهون ٿا، 9 مئي تي جيڪو واقعو پيش آيو اهو نه ٿيڻ گهرجي ها، اسين ان جي سخت لفظن ۾  مذمت ڪريون ٿاافسوسناڪ واقعو آھي ، شهيدن جي فرض ۽ عظيم قربانين جي ڪري اسان آزاد ماحول ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون،

 بعد ۾ هندو پنچائت جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج جي حق ۾ هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي جيڪا گئون شالا مندر کان شروع ٿي شهر جي مختلف شاهراهن کان ٿيندي ورڪشاپ روڊ تي ختم ٿي۔

جُون 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو