سکر : وڏي ڀاءُ جي زيادتين خلاف ننڍي ڀاءُ جو ٻارڙن سميت احتجاج
سکر ( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) سنڱاوتي مامري تان وڏي ڀاء جي مبينه زيادتين خلاف متاثر خاندان گهوٽڪي ضلعي جي مير پور ماٿيلو لڳ دادلغاري ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير خان وسير جي رهواسي محمد سليم وسير پهنجي گهر واري رابعا وسير ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ سکر پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي ٻڌايو آھي
ته سندس وڏو ڀاء رحيم وسير منهنجي ڌيء سلما جي زبردستي شادي پهنجي پٽ سان ڪرائڻ لاء ڌمڪائيندو رهيو آھي ۽ مونکي لاتعلق به ڪري ڇڏيو آھي گزريل ڏينهن گهر ۾ داخل ٿي نياڻي سلما جي شادي جي تاريخ لاء زور ڀريندو رهيو جڏهن ته سلما جي عمر ننڍي آھي
ان باوجود ڌمڪائيندو رهيو ۽ بعد ۾ امڙ سميت سمورن گهر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بنائڻ بعد موتمار ڌمڪيون ڏيندو هليو ويو واقعي جي رپورٽ داد لغاري ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ لاء ويس ته پوليس واپس موٽائي ڇڏيو
برادري جي چڱن مڙسن وٽ به داهيون آھي پر ڪوبه مسئلو حل ڪرڻ لاء تيار ناهي هنن لاڳاپيل ادارن ۽ اختيارن کي جوابدار خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏيڻ جي گهر ڪئي آھي۔
جُون 22, 2023