سکر:شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 70 هين سالگرھ ملھائي وئي
سکر ( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ ) سکر ۾ به پاڪستان پيپلز پارٽي جي شهيد چيئرپرسن اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي 70 هين سالگرھ جي حوالي سان سکر جي نثار صديقي ٽائون جي چيئرمين طارق حسين چوهاڻ جي رهائشگاهه تي هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي
سالگراھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، تقريب ۾ نثار صديقي ٽائون جي وائيس چيئرمين ذوالفقار کوسو ۽ ٻين ميمبرن ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي،
ان موقعي تي ڪارڪنن سان ڳالهائيندي طارق چوهاڻ چيو ته پيپلز پارٽي بينظير ڀٽو شهيد جي فلسفي تي ثابت قدمي سان هلي رهي آهي، محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي خوابن کي پورو ڪنداسين، بينظير ڀٽو انهن مان هڪ هئي،
جيڪي صدين ۾ پيدا ٿيون ۽ وقت ان جي سوچ ۽ جدوجهد مان فائدو وٺي ٿو. پهرين چونڊيل عورت وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو هڪ عظيم ۽ مثالي عالمي اڳواڻ هئي.
جُون 22, 2023