سيوھڻ شريف : بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ اضافو، شھري سخت پريشان

Spread the love

سيوھڻ شريف (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ شريف ۾ واپڊا انتظاميه سيوھڻ ھن ڪھر جھڙي گرمي ۾ سيوھڻ شھر ۾ ھڪ ڪلاڪ لوڊشيڊنگ وڌائي ڇڏي سيوھڻ شھر جو عوام سخت پريشان.

تفصيل موجب سيوھڻ شھر جي سڀني فيڊرن جي بجلي ھرروز جھٽڪا ڏياري بند ڪئي ٿي وڃي، جڏھن ت ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ت سيوھڻ شھر ۾ وپڊا سيوھڻ جي ڪجھ لائن مينن پرائيويٽ ماڻھون رکي انھن کان ڊائريڪٽ ڪنيڪشن ھڻائڻ جو ڪم ورتو پيو وڃي، جڏھن ت انھن پرائيويٽ ماڻھن کان ڪنھن ب لائن مين جو مليل ٽرانسفارمر يا وري تارن وغيره جو ڪم پڻ پرائيويٽ ماڻھن کان ورتو وڃي ٿو،

جڏھن ت ٽرانسفارمر جو ڪم يا وري تارن وغيره جو ڪم لائن مين کي ڪرڻو آھي، پر ھتي سيوھڻ ۾ وري ابتو پرائيويٽ رکيل ماڻھون کان ڪم ورتو وڃي ٿو، جڏھن ت انھن پرائيويٽ ماڻھن کي ٽرانسفارمر جي ڪم جي ت ڪاب ڄاڻ ن ھوندي آھي، جڏھن ت ٽرانسفارمر وغيره جي ڪم جي لائن مينن کي گورنمنٽ پاڪستان وپڊا انتظاميہ  ٽريننگ پڻ ڪرائيندي آھي،

ان ٽريننگ ڪرڻ جي باوجود  ب سيوھڻ جا ڪجھ لائن مين ٽرانسفارمر جي مرمت وغيره جو ڪم ڪندا آھن ۽ ڪجھ لائن مين سيوھڻ جا پرائيويٽ مقرر ماڻھن کان ڪم ڪرائيندا آھن، جڏھن ت سيوھڻ ۾ ڊائريڪٽ ڪنيڪشن تمام گھڻا وڌي ويا آھن، جنھن جي ڪري ئي سيوھڻ شھر ۾ لوڊ گھڻو ھئڻ ڪري بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ واڌارو ڪيوويو آھي، جڏھن ت سيوھڻ شھر ۾ ھڪ ڪلاڪ وڌيڪ بجلي بند ڪئي پئي وڃي ـ

اھو ڪھڙو فالٽ آھي جو 9,45,تي رات جو ھر روز نئون فالٽ ٿو پئي ۽ 10,45,تي وري اھو فالٽ صحيح ٿي وڃي ٿو ـ

اھڙو ڪو فالٽ هجي واپڊا آفيس ۽ گرڊ اسٽيشن سيوهڻ جي بجلي بند هجي پر انهن جي بجلي چالو باقي سيوهڻ شهر جي بجلي بند ؟ سيوھڻ شھر جي عوام حڪومت پاڪستان جي حيسڪو کاتي حيدرآباد جي چيف ۽ ايگزيڪيٽو انجنيئر ڪوٽڙي کان گھر ڪن ٿا ت خدارا سيوھڻ جي وپڊا انتظاميه سيوھڻ جي  لائن مينن پاران ڏنل ھٿ سان ڊائريڪٽ ڪنيڪشن جي جانچ ڪرائي ملوث وپڊا انتظاميه سيوھڻ جي عملدارن خلاف قانوني قدم کنيو وڃي ۽ سيوھڻ شھر مان لوڊشيڊنگ جو آزار ختم ڪرايو وڃي، ۽ پرائيويٽ ماڻھن کي ڪڍيو وڃي.

جُون 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو