سانگهڙ : ميونسپل ڪميٽي جي رٽائرڊ ملازمن کي پگهارون جاري
سانگهڙ (رپورٽ: شاهنواز رونجهو) ميونسپل ڪميٽي سانگهڙ جي رٽائرڊ ملازمن کي ستر لک رپين جا چيڪ ڏنا ويا، محدود وسيلا هئڻ سبب 24 رٽائرڊ ملازمن کي پگهارون ڏنيون ويون،
ملازم ٽن سالن کان دربدر ٿيندا رهيا هئا، هڪ ڪروڙ رپيا بقايا آهن، چيئرمين راشد اسلام مغل. سانگهڙ ميونسپل ڪميٽي جي رٽائرڊ ملازمن ۾ ستر لک رپين جا چيڪ ورهايا ويا،
ان موقعي تي ميونسپل چيئرمين راشد اسلام مغل چيو ته 24 رٽائرڊ ملازمن کي پهريون ڀيرو 70 لک رپين جا چيڪ ڏنا ويا آهن، هن چيو ته ٽن سالن کان رٽائرڊ ملازم رلي رهيا هئا مون کي ريٽائرڊ ملازمن جي مشڪلاتن جي خبر آهي ملازم پنهنجو قيمتي وقت بلديه کي ڏئي خدمت جو مثال قائم ڪيو آهي.
هن چيو ته جيئن ئي اسان کي فنڊ مليا ته سب کان پهريان ريٽائرڊ ملازمن کي هڪ ڪروڙ رپين جي ادائگي ڪئي ويندي، ان موقعي تي سي ايم او حاجي ابراهيم عمراني، وائيس چيئرمين نعمت الله پٺاڻ، ڪائونسلر راشد راجپوت، غلام حيدر پنهور، انور زئي جمعه خان اخروٽي ۽ حاجي ادريس پڻ موجود هئا.
جُون 22, 2023