دادو  ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جی نالی تی عورتن جی تذليل

Spread the love

دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ بینظیر انڪم سپورٽ پروگرام جی نالی تی عورتن جی تذلیل جاري دادو سينٽر تي پوليس اهلڪار انسانيت جا ليڪا ئي لتاڙي ڇڏيا عورتن تي لٺ بازي عورتن جي سرعام تذليل ڪري رهيو آهي سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿي ويو،

انساني حقن واريون تنظيمون ۽ عدالت نوٽيس وٺي حڪومت طرفان غريب مسڪين ۽ بيواھ عورتن لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت وظيفي جي قسط ھلندي ئي غير قانوني ڪٽوتي ڪندڙ ايجنٽ مافيا سرگرم ، ڊپٽي ڪمشنر دادو جي نوٽس وٺڻ باوجود به حڪومت طرفان بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت  ملندڙ 9000 امدادي رقم مان قائم ٿيل سينٽرن تي غير قانوني ڪٽوتي ڪري اٺ هزار پنج سئو ڏيڻ لڳا ڊوائيڊ هولڊر مال غنيمت سمجهي 5 سئو روپيا هر مستحق عورتن جا ڪٽوتي ڪرڻ ۾ اڳڀرا آهن،

 انتظاميا اگھور ننڊ ستل مجبور بي سھارا مستحق عورتن ميڊيا آڏو ڌانھيو ته  ڊوائيڊ ھولڊر عورتن کي پئسا ڪٽوتي ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا، غريب ۽ بيواھ عورتن جا سري عام 500 کان 1000 روپيا ڪٽوتي ڪن پيا، مستحق عورتن ڊي سي دادو ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اعليٰ ادارن کان نوٽس وٺڻ جي گھر ڪندي چيو ته ملوث غير قانوني ڪٽوتي ڪندڙ ايجنٽن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي

 حبيب بئنڪ انتظاميا خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ته جيئن  مستحق عورتن کي مليل امدادي رقم جا پورا پئسا ملي سگھن، پوليس جي نااهل اهلڪارن جيڪي عورتن جي تذليل ڪن ٿا خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي

جُون 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو