دادو ۾ انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي پاران ٻارڙن جي حقن بابت آگاهي تقريب منعقد

Spread the love

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ سماجي تنظيم انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي آئي آر سي پاران ٻارڙن جي بنيادي حقن جي آگاهي ۽ پيدائش سرٽيفڪيٽ تقسيم ڪرڻ واري تقريب ڊي سي آفيس جي دربار هال ۾ ڪوٺائي،

تقريب ۾ اي ڊي سي ٽو مسعود حسين شر، پير الاهي بخش لاڪاليج پرنسپال قانون دان سينئر وڪيل شفيع محمد ميمڻ، ايڊووڪيٽ ميڊم زيبا وگهيو ڊي ايس پي سٽي عبدالخالق وڳڻ، قانوندان چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر سيد هدايت علي شاهه، سماجي تنظيم جي اڳواڻن فاروق چانڊيو،

 محمد علي عباسي، ساجده پرويز ميمڻ، عبدالستار رڌراڻي، نازيه، نياز چانڊيو، صداقت سومرو، دانش خشڪ سميت وڏي انگ ٻارڙن، عورتن ۽ مردن شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته هر ٻار جو بنيادي حق آهي ته ان جو پيدائش سرٽيفيڪٽ هجي، آئي آر سي خيرپورناٿن شاهه ۽ جوهي تعلقي جي ٻوڏ متاثر 2000 کان وڌيڪ ٻارن کي لوڪل گورنمينٽ کاتي کان پيدائش سرٽيفڪيٽ ٺهرايا آهن، هنن چيو ته اسان سڀني جي ذميواري آهي

ته پنهنجن ٻارن جو تحفظ ڪيو ۽ انهن کي قانوني حق وٺرائي ڏيون، تقريب ۾ ٻارڙن کي پيدائش سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا جڏهن ته ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪرڻ تي مختلف کاتن جي آفيسرن، سماجي اڳواڻن کي مڃتا ايوارڊ پڻ تقسيم ڪيا ويا.

جُون 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو