”ڪَنن مان دونهان نڪري آيا“ فردوس عاشق جا عثمان بوزدار بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف
لاهور (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري فردوس عاشق اعواڻ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪري ڇڏيا.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي وفاقي وزير فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پنجاب ۾ جنهن وقت تباهي ٿي، ان وقت اسان حقيقتن کان لاعلم هئاسين، اسان سمجهيو ته عثمان بوزدار تي تنقيد پي ٽي آءِ جي بدنامي لاءِ ڪئي ويندي آهي پر جڏهن حقيقت کلي ته ڪنن مان دونهان نڪري آيا.
هن چيو ته پنجاب ۾ ساڍن ٽن سالن دوران ڪنهن هڪ آفيسر پنهنجو مدو پورو نه ڪيو، عثمان بوزدار دور ۾ آفيسرن سان ٽائم جي بڪنگ هوندي هئي، هڪ آفيسر مون سان رابطو ڪيو ۽ ٻڌايو ته مون سان انهن سودو ڪيو هو، اهو سوداگر فرحت شهزادي جو فرنٽ مين هو، جيڪو ڊيل ڪندو هو، آفيسر ٻڌايو ته فرحت شهزادي 10 ڪروڙن ۾ طئي ڪيو ته ڊي سي لڳرائينديس، آفيسر 10 ڪروڙن جي قسطون ڪرايون ۽ پهرين قسط 4 ڪروڙن جي ڏني، باقي قسطون نه ڏئي سگهيو ته ان خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي.
سندس موجب مان آفيسر کي چيو ته توهان وڏي وزير سان رابطو ڪيو ته هو کلڻ لڳو ۽ چيائين توهان ان ئي دوا جو چئي رهيا آهيو، جنهن جي ڪري مان بيمار آهيان.
فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مان ان نيٽ ورڪ کي وائکو ڪرڻ جي سزا ڀوڳي آهي، جيڪو عثمان بوزدار کي وائکو ڪندو هو، پي ٽي آءِ چيئرمين ان کي پري ڪري ڇڏيندو هو، پي ٽي آءِ چيئرمين عثمان بوزدار بابت ناڪاري ڳالهيون نه ٻڌندو هو.
هن چيو ته عثمان بوزدار کي نيب گهرائي رهيو آهي ته کيس بي ڏوهي ثابت ڪرڻ گهرجي، هن ڪٿي به پنهنجي بي ڏوهي جا ثبوت پيش نه ڪيا، انهن ايندڙن ۾ انهن جو ڳٺ جوڙ خوفناڪ طريقي سان وائکو ٿيڻ وارو آهي.
