ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه ملھائي وئي

Spread the love

ڄام شورو (پ ر) سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳوڻي چيئرپرسن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه تقريب ملهائي وئي. سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين ۽ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ مخدوم سعيد الزمان “عاطف“ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر سرفراز راڄڙ سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽي دعا گهري. ان موقعي تي مخدوم سعيد الزمان “عاطف” ڳالهائيندي چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو هڪ عظيم ليڊر هئي

 جيڪا هن ملڪ جي غريب عوام جي حقن ۽ جمهوريت جي بحاليءَ خاطر جان جو نظرانو ڏئي هميشه لاءِ امر ٿي وئي. مخدوم سعيد الزمان “عاطف“ چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو هڪ ارڏي، انتهائي ذهين ۽ دلير اڳواڻ هئي. مخدوم سعيد الزمان “عاطف“ چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو رڳو هڪ شخصيت نه پر فڪر جي تحريڪ هئي جنهن فڪري تحريڪ ۾ ماڻهو مرڻو ناهي پر هر هر جنم وٺي ورڻو آهي.

شهيد بينظير ڀٽو جا اصول اسان لاءِ مشعل راهه رهندا.مخدوم سعيد الزمان “عاطف“ چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن جي ڪاميابي آهي جو ملڪ ۾ اڄ حقيقي جمهوري قوتون متحد ٿي ملڪ کي درپيش مشڪلاتن مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ پرعزم آهن.

 مخدوم سعيد الزمان “عاطف“ چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن جي تڪميل ڪندي شهادت جو جام نوش ڪيو. مخدوم سعيد الزمان عاطف چيو ته محترمہ بينظير ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ اسان سنڌي ادبي بورڊ ۾ سندس نالي سان ”شهيد بينظير ڀٽو اسڪالر هاسٽل“ جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي،

اسان کي اميد ته پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ سنڌ حڪومت ان هاسٽل کي جلد مڪمل ڪرائڻ لاءِ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٿيل لکپڙهه ترجيحي بنيادن تي حل ڪندي. ان موقعي تي سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ميڊم گلبدن جاويد مرزا، گل حسن درس سروري، غلام حيدر ڪڇي، محمد رحيم نوحاڻي، سيد مير علي شاهه ڪاظمي، ڄام سپڙ رونجهو، نياز حسين سروري ۽ بورڊ جي سمورن ملازمن ڀرپور نموني شرڪت ڪئي.

جُون 21, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو