نوشهرو فيروز: 12 مڪاني ادارن جي چيئرمينن ۽ وي سيز حلف کنيو

Spread the love

نوشهرو فيروز (ڊ ر) نوشهرو فيروز جي 12 مڪاني ادارن جي چئرمينن ۽ وائيس چئرمينن حلف کڻي ورتو آھي. نوشهرو فيروز جي هڪ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل، ٻه ميونسپل ڪاميٽيون ۽ 9 ٽائون ڪاميٽين جي نمائندن حلف کنيو.

ڊسٽرڪٽ ڪائونسل تي چئرمين سهيل اختر عباسي ۽ وائيس چئرمين علي شير ڀرٽ، مورو ميونسپل تي چئرمين نذير احمد ميمڻ ۽ وائيس چئرمين انور قائمخاني، نوشهرو فيروز ميونسپل ڪميٽي تي چئرمين پير قربان علي ۽ وائيس چئرمين ڪاشف مصطفيٰ ميمڻ قسم کنيو.

 ڀرياسٽي ٽائون ڪاميٽي تي چئرمن سيد نور محمد شاهه ۽ وائيس چئرمين رائو صغير راجپوت، پڊعيدن ٽائون ڪاميٽي تي چئرمن راڻا باقر علي ۽ وائيس چئرمين غضنفر راڄپر، ڀرياروڊ ٽائون ڪاميٽي تي چئرمن امتياز آرائين ۽ وائيس چئرمين سيد امير علي شاهه، ٺاروشاهه ٽائون ڪاميٽي تي چئرمين علي خان عالماڻي ۽ وائيس چئرمين رئوف خانزادو، دريا خان مري ٽائون ڪاميٽي تي چئرمين ابراهيم بروهي ۽ وائيس چئرمين طاهر راجپوت، مٺياڻي ٽائون ڪاميٽي تي چئرمين سڪندر چانڊيو

 ۽ وائيس چئرمين نويد مستوئي، محرابپور ٽائون ڪاميٽي تي چئرمين جاويد ميمڻ ۽ وائيس چئرمين ايوب ڪمبوهه، هالاڻي ٽائون ڪاميٽي تي چئرمين سيد بابر شاهه ۽ وائيس چئرمين سيد عاقل شاهه، ڪنڊيارو ٽائون ڪاميٽي تي چئرمين سيد مرتضيٰ شاهه ۽ وائيس چئرمين مير خان سهتو قسم کنيو. لاڳاپيل ريٽرننگ آفيسرن بلدياتي نمائندن کان حلف ورتو.

جُون 21, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو