سانگهڙ : پوليس ۽ ڏوھاري جي وچ ۾ مقابلو، هڪ ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار
سانگهڙ (رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگھڙ ۾ پوليس ۽ ڏوھاري جي وچ ۾ مقابلو، هڪ ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار، ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪار زخمي، موبائيل مارڪيٽ ۾ ڏوهاري ۽ پوليس جي وچ ۾ مبينه مقابلي دوران ڏوهاري عرفان يوسفزئي پسٽل سميت گرفتار ڪيس داخل،
تفصيل موجب : سانگھڙ شهر جي موبائيل مارڪيٽ ۾ رات جي وقت ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اھلڪار محمد عمر لانڊر بازار ۾ ماڻهن جو گوڙ ٻڌي گوڙ طرف اڳتي وڌيو ته رات جي اونڌاهي ۾ موجود ڏوھاري پوليس اھلڪار کي ويجھو ڏسي ڪري انڌا ڌند فائرنگ شروع ڪري ڏني
جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب پوليس اھڪار محمد عمر لانڊر زخمي ٿي پيو ۽ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري عرفان عرف نانو ولد اميد علي يوسفزئي کي بغير لائسنس پسٽل سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو،
زخمي پوليس اھلڪار محمد عمر لانڊر کي ۽ گرفتار ڏوھاري کي بروقت سول اسپتال منتقل ڪري طبعي امداد ڏني وئي، پوليس موجب گرفتار ڏوهاري ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ ملوث آهي، گرفتار ڏوھاري جي خلاف سانگھڙ ٿاڻي تي پوليس مقابلو ۽ غير قانوني اسلحو برآمد ٿيڻ تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
جُون 21, 2023