ڪشمور: پاڪ فوج جي شھيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ريلي ڪڍي وئي
ڪشمور (رپورٽ: طلعت نظير دايو)ڪشمور ۾ پاڪ فوج جي شھيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ريلي ڪڍي وئي قومي امن ڪميٽي جي رحمت ﷲ چنا امان الله چنا ٽيپو رند ۽ ٻين پاڪستان جا جھنڊا ھٿن ۾ کڻي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي
شھيدن کي خراج تحسين پيش ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي امن ڪميٽي تنظيم جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاڪ فوج جي شھيدن ملڪ پاڪستان جي بقا جي جنگ وڙهندي جان جو نذرانو ڏنو آهي شھيدن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي ھنن چيو 9 مئي واقعي تي سموري قوم غم زدہ آھي
پاڪ فوج جي ادارن تي حملن ۾ ملوث جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي پاڪستاني قوم پاڪ آرمي سان گڏ بيٺل آهي سندس ٿيندڙ ڪنھن به سازش کي ناڪام بڻايو ويندو.
جُون 21, 2023