ٽنڊوڄام: بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط، ايجنت مافيا سرگرم
ٽنڊوڄام (رپورٽ: واجد علي چانڊيو) ٽنڊي ڄام ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط ايندي ئي ايجنٽ مافيا سرگرم ٿي وئي، هزار رپين کان 1500 رپين تائين ڪٽوتي جون شڪايتون، مسحق عورتن جو دانهون، سهولتن جي اڻهوند ۽ گرمي سبب مستحق عورتون بيهوش.
ٽنڊي ڄام ۾ مستحق عورتن لاء بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق عورتن لاء وظيفي جي قسط واري رقم ايندي ئي ايجنٽ سرگرم ٿي ويا، مستحق عورتن لاء آيل 9000 واري قسط جي رقم مان هڪ هزار کان پندرهن سئو رپيا ڪٽوتي ٿيڻ لڳا، انهي حوالي سان عورتن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بينظير انڪم جي قسط ايندي ئي ڊوائيسز وارا اسان کي بليڪ ميل ڪري هڪ هزار رپيا ڪٽوتي ڪري رهيا آهن،
رقم نه ڏيندڙ عورتن کي سينٽر مان ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍيو وڃي پيو، عورتن کي ليڊيز پوليس اهلڪار عورتون لٺيون هڻي ڀڄائي رهيون آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي عورتن جي رقم مان اڌ پئسا ڪٽي انهن کي اها رقم آيل چئي ڊوائسز مافيا فراڊ ڪري رهيا آهن. جڏهن ته BISP سينٽر تي ويهڻ سميت ڪابه سهولت ميسر ناهي۔ سخت گرمي ۽ حبس ۾ عورتون بيحال بڻيل آهن،
مگر سينٽر تي ٿڌي پاڻي جي پئيڻ جي سهولت ناهي. پري پري کان آيل پيرسن عورتون سخت گرمي سبب بيهوش ٿي ويون جن کي سدن ساڻن گڏ آيل عورتون پاڻي هاري انهن کي هوش ۾ آندو. مستحق عورتن قسط جي آيل رقم مان ڪٽوتي نه ڪرڻ توڙي سينٽر تي آيل عورتن لاء ويهڻ سميت پاڻي جي سهولت ميسر ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
جُون 21, 2023