ٺاروشاھ : مين شاھي بازار چونڪ جي گلي تي بااثر شخصيت جو قبضو
ٺاروشاھ (رپورٽ : اسد سولنگي) ٺاروشاھ مين شاھي بازار چونڪ جي گلي تي بااثر شخصيت منير ڀرٽ پاران گلي تي ناجائز قبضو ڪري گلي کي سوڙهو ڪري بدصورت بڻائي ڇڏيو جڏهن ته ٽائون انتظاميان ايڊمنسٽريٽرحسين بخش ڌاريجو ٽائون آفيسر عبدالحميد ملڪ ۔فرحان ميمڻ ۽ بااثر جو ويجهو عزيز سراج ڀرٽ پاران ڳري رشوت وٺي گلي تي ناجائز قبضا ڪرائي رهيا آھن
جنهن خلاف گلي جي دوڪاندار ۽ شھرين ذوالفقار علي ۔پرويز علي ۔جميل احمد ۽ ٻين ميڊيا آڏو داهيندي ٻڌايو ته ٽائون جي ڪرپٽ ڪامورن جي ملي ڀڳت ۽ رشوت خوري سبب شاهي بازار جي گلي تي بااثر پاران قبضو ڪري ورتو آھي جنهن سبب عوام ۽ دوڪاندارن کي سخت مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون
جڏهن ته اسان مسلسل ٽائون جا چڪر ڪاٽي رهيا آھيون پر ٽائون انتظاميان ڪوبه ايڪشن نٿي وٺي جنهن مان صاف ظاهر آھي ته ٽائون انتظاميان جي ملي ڀڳت سان قبضا ٿي رهيا آھن هنن سيڪريٽري لوڪل گورمينٽ ڊاريڪٽر لوڪل گورمينٽ شهيد بينظير آباد ۽ اعلا اختيارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ناجائز قبضو هٽايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
جُون 21, 2023