موتمار گرمي، اين ڊي ايم اي جون عوام کي اهم هدايتون

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته گرمي ۾ لڱ ساڙيندڙ هوا موتمار ثابت ٿي سگهي ٿي.

نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي گرمي جي سخت لهر سبب شهرين لاءِ الرٽ جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته گرمي ۾ لڱ ساڙيندڙ هوا احتياط نه ڪرڻ سان موتمار ثابت ٿي سگهي ٿي، گرمي جي شدت کان بچڻ لاءِ سادي پاڻي جو وڌ کان وڌ استعمال ڪيو وڃي ۽ ڪاربونيٽڊ ڊرنڪس کان پاسو ڪيو وڃي.

اين ڊي ايم اي چيو آهي ته ڏينهن جو سخت گرمي وقت ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪجي، تيز اُس ۾ مٿو ڍڪي ٻاهر نڪرو ۽ جسم ۾ توانائي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ليمي پاڻي ۽ او آر ايس جو استعمال ڪيو.

الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلڪا ۽ نرم ڪپڙا پايو، گرمي ۾ جيڪڏهن ڪو بيهوش ٿي وڃي ته مٿي تي ٿڌو پاڻي وهايو، بيمارن، بزرگن ۽ ٻارن جو خاص خيال رکو.

جُون 21, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو