لاڙڪاڻو : سي پي اي پاران زيادتي جو شڪار نينگري کي50 ھزار جو چيڪ ڏنو ويو
لاڙڪاڻو (بيوروچيف: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻو رتوديرو ۾ زيادتي جو نشانو بڻايل نينگري وٽ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي ٽيم پهچي کيس نينگري جي مالي سھائتا لاءِ 50 ھزار روپين جي چيڪ سندس جي حوالي ڪئي وئي
2 مھينا اڳ رتوديرو جي محمدي ڪالوني جي رھواسڻ زيادتي جو نشانو بڻايل نينگري (س) جي وارثن وٽ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ۽ انٽرنيشل ريسڪيو ڪاميٽي لاڙڪاڻو جي ٽيم پھچي نينگري جي عيادت ڪئي نينگري جي مالي سھائتا لاءِ 50 ھزار روپين جي چيڪ پڻ سندس جي حوالي ڪئي،
ان موقعي تي چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي لاڙڪاڻو جي آفيسر وقار احمد سومرو، اسسٽنٽ چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر لاڙڪاڻو سرفراز گهانگهرو، ڪيس ورڪر عبدالخالق ۽ سينئر صحافي سيد جاويد شاهه جو چوڻ ھيو تہ منسٽر سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ۽ چيئر پرسن سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي محمد ساجد جوکيو ۽ ڊائريڪٽر جنرل سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي اصغر علي گهانگهرو جي ھدايتن تي اڄ اسين رتوديرو پھچي نينگري سائره شيخ جي عيادت ڪئي ۽ ان جي مالي سھائتا لاءِ کيس چيڪ ڏني؛؛؛؛؛
ھنن جو چوڻ ھيو 18 سال کان گهٽ عمر جي ٻار سان اگر ڪابہ زيادتي يا ڪو تشدد ٿئي ٿو يا 18 سالن کان گهٽ عمر جي ٻار جي زبردستي شادي ڪرائي ٿي وڃي تہ اتي چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ان ٻار
جُون 21, 2023