لاڙڪاڻو: سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو پاران تربيتي ورڪشاپ منعقد

Spread the love

لاڙڪاڻو (رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو پاران شعور فائونڊيشن جي تعاون سان يوٿ ڊولپمينٽ، ليڊرشپ ۽ تڪرارن/اسٽريس جي خاتمي بابت 2 ڏينهن لاءِ ايس يو سي ايل امن سوسائٽي تربيتي ورڪشاپ شروع، نوجوانن جي ترقيءَ لاءِ مختلف پروگرام متعارف ڪرائڻ تي زور،

تڪرارن جو خاتمو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي گهُر ۽ امن جي قيام جي لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق. ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو پي آر او عاطف رفيق سمون طرفان جاري ڪيل بيان موجب سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو پاران شعور فائونڊيشن جي تعاون سان “يوٿ ڊوپلمينٽ، ليڊرشپ ۽ تڪرارن/اسٽريس کي منهن ڏيڻ ۽ نوجوانن جي ترقي ۽ فلاح بهبود بابت لاڙڪاڻي جي مقامي هوٽل ۾ 2 ڏينهن لاءِ  ايس يو سي ايل امن سوسائٽي جي ميزباني هيٺ تربيتي ورڪشاپ شروع ٿي ويو.

  پهرين ڏينهن ٽريننگ ۾ مختلف شاگرد سوسائٽيز جي عهديدارن ۽ ميمبرن جن ۾ عبدالله تونيو، ياسين ميمڻ، ڪلثوم عباسي، ڪبير ڀٽو، مسڪان حنيف، الينا ميمڻ،  پرح چنا، سعدالله مهيسر، دانش مٺاڻي, حسنين چنا ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ايس يو سي ايل جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه ريسورس پرسن جي حيثيت سان ليڪچر ڏيندي چيو ته  پاڪستان يوٿ پاليسي موجب 15 کان 29 سالن جي نوجوان شاگردن جي شعوري، جسماني، اخلاقي، سماجي ۽ جذباتي ترقيءَ جي بنياد تي شخصيت جي ترقيءَ جي مختلف پهلوئن تي ڌيان ڏيڻ واري شاگردن جي تربيت جو بنيادي مقصد آهي.

 هن چيو ته ليڊرشپ متعلق دنيا جي مشهور ليکڪ جان سي ميڪسويل ۽ سندس مشهور ڪتابن جي روشنيءَ ۾ نوجوانن جي ترقي ۽ قيادت سان لاڳاپيل عملي مشقون ۽ سرگرميون ڪرائڻ گهرجن، جن ۾ 21 ليڊرشپ جا قانون ۽ ليڊر جون 21 ناگزير خوبيون شامل آهن.

جڏهن ته سيشن دوران شاگردن کي فعال شهري بنائڻ لاءِ تبديلي جي حڪمت عملي سيکاريندي جديد جمهوري ۽ ترقي پسند قدرن، اصولن ۽ روين کي اپنائڻ سان سماج، ملڪ ۽ دنيا جي مثبت ترقيءَ ۾ مشغول ڪرڻ، ڪيمپس ۾ گڏيل ۽ سازگار تعليمي ماحول لاءِ پيس سوسائٽي جي قيام ۽ آپريشن بابت پڻ ڳالهايو ويو.

ان سان گڏ اسٽريس جي خاتمي لاء مختلف عملي تدبيرن جي ڄاڻ پڻ مھيا ڪئي وئي. انگلش ڊپارٽمينٽ جي سربراهه حسين علي ڪنڀر ٽريننگ جي ڪوآرڊينيشن ڪئي ۽ شڪريو ادا ڪيو، آخر ۾ سڀني شرڪت ڪندڙن کي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا.

جُون 21, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو