شرجيل انعام ميمڻ پاران سڀاڻي کان پيپلز بس سروس جي ايپ شروع ڪرڻ جو اعلان

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ 22 جون کان پيپلز بس سروس جي ايپ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي.  ڪراچي ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي ۽ اين آر ٽي سي عملدارن جو ھڪ اعليٰ سطحي اجلاس  ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سليم راجپوت، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪمال دايو، سي اي او ٽرانس ڪراچي طفيل پليجو، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر پي ايس بي صهيب احمد ۽ پيپلز بس سروس جي آپريشنل مئنيجر عبدالشڪور آرائين شرڪت ڪئي.  اجلاس ۾ پيپلز بس سروس کي انٽيليجنٽ ٽرانسپورٽ سسٽم ۽ آن لائن سسٽم سان ڳنڍڻ جو فيصلو  ڪيو ويو.  اجلاس ۾ ٻڌايو ويو تھ پيپلز بس سروس جي ايپ ذريعي شهري آساني سان گاڏي جي لوڪيشن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا، ايپ ذريعي مسافر آن لائن بڪنگ، رستن، ڀاڙن ۽ ٻين ضروري شين بابت معلومات حاصل ڪري سگھندا.  اجلاس ۾ ٻڌايو ويو تھ ايپ ذريعي، صارفين پنهنجي شڪايتون اعلي اختيارين تائين سڌي ريت پھچائي سگھندا،  انٽيليجنٽ ٽرانسپورٽ سسٽم تحت گاڏين جي نگراني ڪئي ويندي.  اجلاس کي بريفنگ ڏيندي اھو بھ ٻڌايو ويو تھ انٽليجنٽ ٽرانسپورٽ سسٽم تحت گاڏين ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون بھ لڳايون وينديون، گاڏين ۾ آڊيو سسٽم، يو ايس بي پورٽ، وائي فائي ڪميونيڪيشن سسٽم، ڊرائيور الارم به لڳايو ويندو. اجلاس کي آگاھي ڏيندي اھو بھ ٻڌايو ويو تھ 20 آگسٽ تائين 20 گرين بسون پاڪستان پهچي پيپلز بس سروس جو حصو بڻجي وينديون. اجلاس ۾ حيدرآباد ۾ هالا ناڪا کان کيسانا موري تائين پيپلز بس سروس هلائڻ تي غور ويچار ڪيو ويو، جڏھن تھ لياري ايڪسپريس وي تي پيپلز بس سروس هلائڻ بابت وڌيڪ سروي ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اليڪٽرڪ بسن جي چارجرز جو مسئلو اوليتي بنيادن تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالھائيندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ عوام کي بهترين، آرامده ۽ سستي بس سروس جي فراهمي هر صورت ۾ يقيني بڻائي ويندي.  ھن چيو تھ سنڌ سرڪار عوام جي سفري تڪليفن جو خاتمو چاھي ٿي.  شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو تھ ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر ۽ ميرپورخاص جي ٻھراڙي وارن علائقن کي پيپلز بس سروس ذريعي شهري علائقن سان ڳنڍيو ويندو ۽ ان حوالي سان منصوبا پڻ شروع ڪيا ويندا.

جُون 21, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو