روھڙي: ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين حلف کڻي ورتو

Spread the love

روھڙي (رپورٽ: علي خان چنجڻ)ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي حلف برداري جي تقريب روھڙي جي مقامي شادي ھال ۾ ٿي گذري جنھن ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين جي عھدي سيد ڪميل حيدر شاھ حلف کڻي ورتو

 حلف کڻڻ بعد پيپلزپارٽي اڳواڻ سيد ڪميل حيدر شاھ ريلي جي صورت ۾ پنھنجي راھيشگاھ روھڙي طرف روانو ٿيو سيد ڪميل حيدر شاھ جي چيئرمين جي حلف کڻڻ جي خوشي ۾ سندس سان محبت ڪندڙ پيپلزپارٽي جي ورڪرن روڊن رستن تي سيد ڪميل حيدر شاھ مٿان گلن جي ورکاء ڪندي شاندار استقبال ڪيو

جڏھن ريلي ٻيڙيءَ چوڪ تي پھتي ته سيد ڪميل حيدر شاھ جي چيئرمين جي حلف کڻڻ جي خوشي ۾ اڳوڻو وائيس چيئرمين روھڙي ميونسپل ڪميٽي آصف علي رضا مهر ٻيڙيءَ چوڪ تي پيپلزپارٽي اڳواڻ سيد ڪميل حيدر شاھ ريلي جو دھلن شرناين تي شاندار آجيان ڪندي مٿان گلن جي ورکاء ڪئي ۽ گلن جا ھار پارايا ان موقعي تي آصف علي رضا مهر چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه غريب عوام جي خدمت ڪئي

۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي وڏي عوامي پارٽي آھي پيپلزپارٽي پارٽي سدائين عوام جا مسئلا حل ڪيا آھن نوجوان شخصيت صوبائي وزير بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاھ جو سيد فرزند ڏيد ڪميل حيدر شاھ روھڙي ۽ سکر جي عوام سان سدائين ڏک سک ۾ گڏ آھي انشاءَ الله غريب عوام جي خدمت ۽ شھر جي بھتري لاءِ پاڻ پتوڙيندو

ان موقعي پيپلزپارٽي اڳواڻ سيد ڪميل حيدر شاھ چيو ته تمام نھايت ٿورائتو آھيان پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت جو جن مونکي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين جي سيٽ تي نامزد ڪيو ھن وڌيڪ چيو ته عوام جي خدمت ڪرڻ عبادت سمجھا ٿو ۽ علائقن ۾ پٺتي پيل ترقياتي ڪم ڪرائيندس ۽ عوام کي جڏھن اڪيلو نه ڇڏيندس عوام سان گڏ آھيان ۽ عوامي مسئلا ترحيجي بنيادن تي حل ڪيا ويندا.

جُون 21, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو