دادو: ام رباب جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري

Spread the love

دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ ام رباب جي 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دادو ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٿي گذري، ڪيس جي ٻڌڻي دوران ام رباب چانڊيو ۽ ڪيس جو فريادي عدالت پهتا،

جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار پ پ ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا،جڏهن ته جوابدار ڌر جي وڪيلن پاران ڪيس جي فريادي پرويز چانڊيو جي جرح مڪمل ڪئي،

 دادو ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج پاران ڪيس جي ٻڌڻي 6 جو لاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي،جڏهن ته ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويندا،ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ٿيڻ بعد ام رباب چانڊيو عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جئين ڪيس اڳتي وڌڻ لڳو آهي

ته هي جاگيردار ۽ ڀوتار ٻيهر ڌمڪين تي لهي آيا آهن،اسان کي لالچون ۽ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن پر اسان موت قبول ڪنداسين پر پنهنجي پيارن جي خون تي سوديبازي نه ڪنداسين، ڪيس جي فريادي کان آڏي پڇا مڪمل ٿي آهي، 6 جولاء تي شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿيندا، اسان حق تي آهيون،

ڀلي هي فريادي ۽ شاهدن کان هزارين سوال ڪن قاتلن کي سزا ايندي ۽ سڄي دنيا ڏسندي ته بي گناھ شهرين کي قتل ڪندڙ کي سزا ڪئين ملندي آهي، جوابدار منهنجي گهرڀاتين سميت سوين بي گناھ شهري قتل ڪرايا آهن ۽ هزارين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪري ويٺل آهن،جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي دوران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا.

جُون 21, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو