اسپتال مان تازو ڄاول ٻار اغوا

Spread the love

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد جي الائيڊ اسپتال جي گائني وارڊ مان عورت تازي ڄاول ٻار کي اغوا ڪري وئي.

جڙانوالا جي رهواسي صداقت وٽ گذريل ڏينهن پٽ جي پيدائش ٿي، اڻڄاتل عورت ٽن ڏينهن کان عورت سان وارڊ ۾ گڏ موجود هئي.

اسپتال ذريعن جو چوڻ هو ته عورت تازي ڄاول ٻار جي ماءُ ۽ ناني کي نشي مليل چانهه پياري، ماءُ ڌيءَ جي بيهوش ٿيڻ تي عورت ٻار کڻي فرار ٿي وئي.

اغوا ڪندڙ عورت جا سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون آيا آهن جنهن ۾ عورت کي ڊاڪٽر جهڙو اڇو گائون پهريل ڏسي سگھجي ٿو.

جُون 21, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو