ڏوڪري: نادرا آفيس جي منتقلي خلاف ساڃاھھ وندن جو احتجاج
ڏوڪري (رپورٽر) نادرا آفيس کي شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جو ڳجهه ڳوه ۾ ارادو، انچارج جي من مستي عروج تي، ٽائون ڪميٽي جي احاطي ۾ نادرا آفيس لاءِ جاءِ ڏني وئي آهي ۽ ٽيٽدر به جاري ڪيو ويو آهي پر الائي ڪنهن جي چوڻ تي چنا پل ڀرسان شراب جي گتي آڏو نادرا آفيس جي اڏاوت هڪ مقامي هوٽل ۾ آفيس قائم ڪرڻ خلاف شهرين ۾ تاء پکڙيل.
رپورٽ موجب نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) ڏوڪري آفيس جيڪا گذريل 18 سالن کان ٽائون ڪميٽي جي احاطي ۾ قائم آهي، سٺي نموني ڪم ڪري رهي آهي ان لاءِ تعلقي انتظاميه پاران نادرا آفيس کي اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري پاران جاءِ ڏني هئي هاڻي سوشل ويلفيئر آفيس ڏوڪري ۾ آفيس آهي،
زبون حال ۾ آفيس نادرا جو ٽينڊر به ان ئي جاءِ تي تعمير لاءِ اچي ويو آهي، پر انچارج پنهنجي من ماني کي جاري رکندي آفيس کي شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جي عذاب ۾ مصروف نظر اچي ٿو،
اهو به معلوم ٿيو آهي ته جتي انچارج آفيس ٺاهڻ چاهي ٿي اتي شراب جا ڪارٽون به رکيا ويندا آهن، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته هو نٿا چاهين ته عوام کي صاف سٿرو ماحول ملي، هو رشوت عيوض قومي شناختي ڪارڊ ٺاهڻ ۾ ماهر آهن
۽ کين نادرا انچارج کي منتقل ڪيو ويو وڃي. هتان کان وٺي هاڻي هو عوام کان سهولتون کسڻ جي سازش ڪري رهيا آهن ماڻهو خاص ڪري عورتون تصديق لاءِ ٽي ڪلوميٽر جو فاصلو طئه ڪري آفيسرن وٽ اينديون آهن، ڇا هي نادرا چيئرمين ۽ حڪومت جي ذميواري آهي ته هو عوام کي مشڪلاتن ۾ وجهي؟ ۽ کين سهولتون ڏيڻ بدران مشڪلاتون پيش اچن ٿيون.
شهرين ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن نور نبي منگي، علي رضا ميمڻ، سارنگ سنڌو، سورهيه سنڌي ۽ ٻين وفاقي گهرو معاملن واري وزارت ۽ چيئرمين نادرا کان مطالبو ڪيو آهي ته نادرا آفيس کي شهر مان منتقل ڪرڻ جو نوٽيس وٺي شهر ۾ ئي نادرا آفيس ٺاهي وڃي
ته جيئن ماڻهن کي آساني سان سهولتون ملي سگهن ۽ شناختي ڪارڊ ٺھرائي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو ۽ اي پي سي ۽ اپيلون داخل ڪيون وينديون.
جُون 20, 2023