ڪنڌڪوٽ شھر جي بنيادي مسئلن کي حل ڪيو ويندو: مير راشد خان سندراڻي
ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ: طلعت نظير دايو ) ڪنڌڪوٽ ضلعي، ميونسپل ڪاميٽي، ٽاؤن ڪاميٽيز جي چيئرمينن، وائيس چيئرمينن حلف کڻي ورتو ضلعي جي عوام جي خدمت ڪبي.مير گل محمد جکراڻي ڪنڌڪوٽ شھر جي بنيادي مسئلن کي حل ڪيو ويندو.مير راشد خان سندراڻي
خبر موجب؛ ڪنڌڪوٽ ضلعي جي ڪامياب ٿيل چيئرمين مير گل محمد خان جکراڻي، وائيس چيئرمين مير الطاف خان کوسو جي حلف تقريب مني اسٽيڊيم گرائونڊ تي ٿي جنهن ۾ ڊي سي منور علي مٺياڻي ٻنھي کي حلف کڻايو ڊي سي آفيس ۾ ڪنڌڪوٽ ميونسيپل ڪاميٽي جي چيئرمين مير راشد خان سندراڻي، وائيس چيئرمين شير محمد خان سھرياڻي، غوثپور ٽاؤن ڪاميٽي جي چيئرمين مير عبدالغني خان سندراڻي، وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نظير شاهه جي حلف تقريب ڊي سي آفيس ۾ ٿي ڊي سي منور علي مٺياڻي سندس حلف کڻايو
تقريب ۾ شھر جي سياسي سماجي اڳواڻن ڪاروباري شخصيتن ۽ ميونسپل ڪاميٽي جي معزز ميمبرن شرڪت ڪئي حلف کڻڻ بعد ضلع ڪائونسل جي چيئرمين مير گل محمد خان جکراڻي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي مٿان پيپلزپارٽي جيڪا ذميواري رکي آهي
انھي کي ڀرپور نموني ادا ڪندي ضلعي جي عوام جي خدمت ڪئي ويندي جيڪي به ضلعي جي ڳوٺن ۾ مسئلا آهن اھي حل ڪنداسي ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين مير راشد خان سندراڻي چيو ته ڪنڌڪوٽ جي عوام جو شڪر گذار آھيان عوام جو احسان ڪڏهن به لاھي نه سگھندس جن مون کي ٽيون ڀيرو ڪامياب ڪيو آهي
ڪنڌڪوٽ جو انھي وقت وڏي ۾ وڏو مسئلو امن امان جو آهي جنهن جي بحالي لاءِ به ڪم ڪيو ويندو شھر جي ڊرينيج سسٽم، صفائي سٿرائي، روڊ رستا تعمير ڪري عوام کي بنيادي سھولتون فراھو ڪيون وينديون انھي موقعي تي سردار سليم جان مزاري سردار لياقت خان ملڪ ڊاڪٽر اقرار جکراڻي ،
ديدار خان کوسو،مير اسد الله خان کوسو صادق حسين گولاٽو حاجي حضوربخش مغل، سيٺ نندلال، ڊاڪٽر ميھر چند، مشتاق خان چاچڙ، ڊاڪٽر ثناءاللّٰه اعواڻ، مکي فقير چند، شبانا ملڪ سميت ٻين شرڪت ڪئي پيپلز پارٽي جا اڳواڻ ء ڪارڪن وڏي انگ م جيالن جي شرڪت خوشي م دھل شرناين تي جمھريون ھوائي فائرنگ پڻ ڪئي وئي.
جُون 20, 2023