ڪراچي: قرباني واري عيد جي حوالي سان جانورن جي خريداري جو سلسلو ھلندڙ
ڪراچي (رپورٽ: ثناءُ اللھ هڪڙو) قرباني واري عيد ۾ باقي 9 ڏينهن رهجي ويا ،ڪيٽل منڊي ناردرن باءِ پاس ڪراچي وارن جي دلين تي راڄ، آچر واري ڏينهن شهرين جون ڪلاڪن تائين لائينون لڳي ويون،
ڳاڌين کي بيهاري پنڌ نڪري پيا، آچر جي صبح کان ٻئي ڏينهن منجهند تائين ريڪارڊ سوڌا ٿيا، شهرين پاران جانورن کي وٺي ڪري پنهنجي گهر روانا،
ڪيٽل منڊي ۾ هر رنگ ۽ نسل جا جانور قرباني لاءِ موجود، ڪيٽل منڊي ناردرن باءِ پاس تي اچڻ وارا ٻڪرا ناياب ٿي ويا، سنڌ ۾ هن مهل تائين سوا لک ٻڪرا اچي چڪا آهن، پنجهتر هزار کپي ويا، پنجاھه هزار باقي رهجي ويا، ٻين کان ٽن ڏينهن تائين کپائڻ وارن جانورن جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن،
اچڻ وارو هر ٻيو ماڻهو بيانو ڏئي جانور بڪ ڪرائي پيو وڃي،هن موقعي تي ترجمان ڪيٽل منڊي ڳالهائيندي چيو ته ڪيٽل منڊي ۾ 21 مئي کان وٺي اڄ تائين پنج لک مويشي اچي چڪا آهن، پنج لک جانورن مان ٻه لک ننڍا وڏا جانور کپي ويا آهن، ٽن لکن تائين ننڍا وڏا جانور منڊي ۾ موجود آهن،
في جانور 20 ليٽر پاڻي کپائيندڙن کي مفت ڏنو پيو وڃي، ست سو ايڪڙ زمين تي لڳڻ واري مويشي منڊي عيد تائين جانورن جي اچڻ جو سلسلو جاري رهندو، ناردرن باءِ پاس تي لڳل ڪيٽل منڊي ۾ ست لک کان وڌيڪ قرباني جا جانور رکڻ جي گنجائش موجود آهي،
هن موقعي تي نواب شاهه ۽ نوشهري فيروز کان اچڻ وارا جانورن کي کپائيندڙ ڳالهائيندي چيو ته اسان منڊي مان خوش آهيون سمورا ٻڪرا کپي ويا، هن ڀيري مويشي منڊي پهريان کان بهتر جگهه تي لڳائي وئي آهي، ڪجهه مال بچيو آهي جيڪو هڪ ٻين ڏينهن تائين کپي ويندو
جُون 20, 2023