ٽنڊوڄام: شھيد محترمھ بينظير ڀٽو لائبريري مسئلن جي ور چڙھيل

Spread the love

ٽنڊوڄام)رپورٽ: واجد علي چانڊيو(  ٽنڊوڄام ۾ قائم شھيد محترمہ بينظير ڀٽو جي نالي سان منصوب لائبريري مسئلن جي ور چڙھي وئي، خبر موجوب ٽنڊوڄام شھر ۾ تڪ جي ايم پي اي ۽ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليمي سھولت لاءِ  قائم ڪرايل شھيد محترمہ بينظير ڀٽو لائبريري مسئلن جي ور چڙھي وئي

 لائبريري ۾ سي ايس ايس جي تياري لاءِ ايندڙ شاگرد سھولت کان محروم شاگردن دانھيندي چيو تہ اسان ھتي سي ايس ايس سميت مختلف امتحانن جي تياري لاءِ اچون ٿا مگر ھتي بجلي لوڊشيڊنگ جو الٽرنيٽ نہ ھئڻ ۽ انٽرنيٽ ٻن مھينن کان بند ھئڻ پيئڻ جو  صاف پاڻي نہ ھئڻ سبب سخت پريشاني کي منھن ڏئي رھيا آھيون

بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ وائي فائي انٽرنيٽ  ھئڻ باوجود نيٽ بند ھجڻ ڪري ڪمپيوٽر ورڪ ڪرڻ کان محروم آھيون شاگردن جو چوڻ ھو تہ بار بار انتظاميان کي مسئلن کان آگاھ ڪيو مگر انتظاميان ڪن لاٽار بڻيل آھي اسين تڪ جي ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ کي اپيل ٿا ڪيون تہ نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪرائي ڏنا وڃن.

جُون 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو