ٺٽو: ڪوئلو، ريتي، بجري، پٿر کڻي ويندڙ گاڏي مالن پاران ٽيڪس اوڳاڙي خلاف درخواست داخل
ٺٽو (نظير احمد قريشي) ضلعي ڪائونسل ٺٽو جي آڙ ۾ ڪوئلو، ريتي، بجري، ڪريش ۽ پٿر کڻي ويندڙ گاڏين کان ڊسٽرڪٽ ڊولپمينٽ ٽيڪس جي آڙ ۾ مختلف ھنڌن تي قائم چنگي ناڪن تان في گاڏي کان 3سئو کان ھڪ ھزار روپين تائين جي غيرقانوني ٽيڪس جي اوڳاڙي خلاف جھمپير جي رھواسي
ٽرڪ مالڪ عبدالمجيد بروھي ۽ ٻين طرفان پنھنجي وڪيل منصور احمد ترڪ معرفت مافيا خلاف ڏنل درخواستن کانپوء ھنن پاران ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ڄامشورو سرڪل آفيس ۾ پڻ پيش ٿي پنھنجا بيان رڪارڊ ڪرائي ثبوت پيش ڪندي
چيو تـہ ساڻن وڏي ناانصافي ڪئي پئي وڇي، جيڪا وٽائڻ ٽيڪس جي مد ۾ اوڳاڙي ڪئي وڃي ٿي اھا غيرقانوني اھي، جيڪڏھن ان غيرقانوني ٽيڪس کي جلد بند نـہ ڪيو ويو تـہ اسان سنڌ ھاء ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ سان گڏ احتجاج ڪرڻ جو بب حق رکون ٿا، ھنن فورن لڳايل ٽيڪس ختم ڪري کين پريشاني کان بچائڻ جي گھر ڪئي.
جُون 20, 2023