ٺاروشاھ ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين . وائيس چيئرمين حلف کنيو

Spread the love

ٺاروشاھ ) رپورٽ: اسد سولنگي( ٺاروشاھ ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين علي خان عالماڻي وائيس چيئرمين عبدالرئوف خانزده پ پ جي اڳواڻ سردار محمد عثمان خان عالماڻي  ۽ چونڊيل ڪائونسلرن جي معان ۾ آجياڻو تقريب منعقد ڪئي وئي،

آجياڻي کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ سردار محمد عثمان خان عالماڻي ٽائون چيئرمين علي خان عالماڻي وائيس چيئرمين عبدالرئوف خانزاده ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پارٽي قيادت جي ٿورا آھن جن اسانکي ٽڪيٽ ڏئي ايتماد ڪيو

 ۽ سندس ايتماد تي پورا هلنداسين ۽ علائقي واسين جي ڀرپور خدمت ڪنداسين سردار محمد عثمان خان عالماڻي چيو ته سڀئي ٽائون ڪاميٽي جا ميمبر برابريء جي بنياد تي عوام جي خدمت ڪندا هن چيو ته اسانکي فخر آھي ته نوجوان قيادت علي خان عالماڻي ٽيون ڀيرو چيئرمين ٿيو آھي ۽ اڳ جيان هيل به عوام جي ڀرپور خدمت ڪندو.

جُون 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو