يونان ٻيڙي حادثي کان اڳ ڇا صورتحال هئي؟ وڊيو ڏسو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) يونان ٻيڙي حادثي تي پاڪستان ۾ سوڳ ته ملهايو ويو پر ڇا پاڪستان ۾ پورهيتن کي اهي سهولتون آهن جن لاءِ کين اٽلي يا ٻئي ملڪ نه وڃڻو پوي.
ماڻهن جو چوڻ آهي ته اٽلي وڃڻ تي 20 کان 25 لک رپيا خرچ اچي ٿو ۽ ماڻهو جڏهن اتي پهچي ٿو ته 12 سئو کن يورو ماهوار ڪمائي ٿو.
اٽلي ۾ رهائش جا سڀ خرچ ملائجن ته 400 يورو ماهوار خرچ اچي ٿو ۽ 700 يورو بچن ٿا جيڪي پاڪستاني سوا ٻه لک رپيا ٿين ٿا.
پر هتي پاڪستان ۾ وڌ ۾ وڌ ماڻهو 50 هزار مهينو ڪمائي ٿو.
ان مان گذارو ڪيئن ممڪن آهي؟
هي اهو سوال آهي جيڪو يونان ٻيڙي حادثي کانپوءِ ڪيو پيو وڃي.
اوهان کي ٻڌائيندا هلون ته هن وقت تائين ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25هزار رپيا آهي، بلڪل حڪومت طرفان پگهار وڌائي وئي آهي پر ان تي هن مهل تائين عمل ناهي ٿي سگهيو.
جيڪڏهن 35 هزار ماهوار پگهار هر ماڻهو کي ڏني به وڃي تڏهن به ڪو عزت دار شهري هن مهانگائي جي دور ۾ رڳو پگهار تي گذارو نه ڪري سگهندو.
رهائش جا خرچ، کاڌي پيتي جا خرچ، تعليم جا خرچ روز اچ وڃ لاءِ پيٽرول سميت اهڙيون ڪيتريون ئي شيون آهن جيڪي ماهوار پگهار مان ئي پوريون ڪرڻيون هونديون آهن.
پگهاردار، مزدور ۽ هاري طبقي سميت عوام گذريل حڪومتن جي ناقص پاليسين، ٻوڏ جي آفتن، ڪورونا جي جهڙين وبائن سميت خراب حڪمراني کي منهن ڏيندو پيو اچي.
چيو پيو وڃي ته غربت ۽ بيروزگاري ماڻهن کي پرڏيهه وڃڻ تي مجبور ڪري رهي آهي.
پرڏيهه ۾ ڪمائڻ جا خواب ڏسي ٻيڙي ۾ ويندڙ پاڪستاني حادثي کان ٿورو اڳ ڪيترا خوش هئا هنن وڊيوز ۾ ڏسو.
جُون 20, 2023